مٽياري ۾ معصوم ٻارڙي سان لڄالٽ، جوابدار گرفتار

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) مٽياري جي شيخ پاڙي ۾ اٺ ورهين جي معصوم ٻارڙي سان جنسي زيادتي ٻارڙي کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي ميڊيڪل ڪرايو ويو، ٻارڙي کي ميڊيڪل لاءِ سول اسپتال حيدرآباد پڻ منتقل ڪيو  ويو، جڏهن ته پوليس جوابدار روشن شيخ به گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ٻارڙي جي پيءُ ديدار شيخ ۽ سندس زال الزام هڻندي چيو ته اسانجي پاڙي جي رهواسي روشن شيخ اسان جي معصوم نياڻي اٺن سالن جي ام فروا کي پنهجي حوس جو نشانو بڻايو آهي، اسانجي ٻارڙي ٻاهر کيڏڻ لاءِ وئي ته کيس روشن بهاني سان کڻي وڃي حوس جو شڪار ڪيو، جنهن جي تصديق مقامي ڊاڪٽرياڻي پاران به ڪئي وئي وئي هئي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي نياڻي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.