اسلام آباد (م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ احسن اقبال دعويٰ ڪئي آهي ته دانيال عزيز کي 2013ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ منهنجي ضمانت تي ملي هئي. شڪر ڳڙهه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته 2013ع ۾ پارٽي قيادت دانيال عزيز کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي حق ۾ نه هئي. هن چيو ته مون دانيال عزيز لاءِ پارٽي قيادت آڏو 20 منٽن تائين دليل ڏنا ۽ سندس وفاداري جي ضمانت به ڏني. ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته دانيال عزيز جي حادثي کانپوءِ ضلعي هيڊڪوارٽر (ڊي ايڇ ڪيو) اسپتال ۾ سمورن ڊاڪٽرن کي اسٽينڊ بائي ڪيو. هن چيو ته مهانگائي تحريڪ انصاف جي آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري ٿي، دانيال عزيز ان جو الزام ن ليگ تي لڳايو ۽ مون کي ذميوار قرار ڏنو. احسن اقبال چيو ته دانيال عزيز پي ٽي آءِ کي خوش ڪرڻ لاءِ اسان خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي، هو اندروني طور بيٽ جي نشاني لاءِ ڊوڙي رهيو هو. هن چيو ته دانيال عزيز پي ٽي آءِ جي چڪر ۾ ٽڪيٽ لاءِ درخواست به نه ڏني هئي جڏهن ته کيس ٻئي طرف کان گاهه به وڌو ويو.