نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاهه جي تڪ اين اي 207 مان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي مقابلي ۾ جي ڊي اي سميت 2 اميدوار هٿ کڻي ويا، اين اي 207 شهيد بينظير آباد جي رٽرننگ آفيسر سڀهاش چندر ٻڌايو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف مضبوط حريف جي ڊي اي جو سيد زاهد حسين شاهه مقابلي تان هٿ کڻي ويو. هن ٻڌايو ته آزاد اميدوار رياض حسين خاصخيلي به نامزدگي ڪاغذ واپس وٺندي چونڊن تان هٿ کڻي ويو.