سنڌ واسي اميدوارن کان مطالبن واري چارٽر تي صحيح ڪرائن: سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم پاران ڪالھ حيدرآباد ۾ سنڌ جي شھرين کي اپيل واري عنوان تحت گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي ڳالھائيندي چيو ته اسان ھن فورم جي ذريعي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن لاءِ 21 مطالبن وارو چارٽر جاري ڪيو آھي. انھيء چارٽر ۾ اميدوارن کان پڇڻ لاءِ سنڌ واسين کي چيو ويو آهي ته ھو اميدوارن کان ان بابت روبرو وڃي صحيحون ڪرائين. ان موقعي تي قاسم آباد جي تڪ جي آزاد اميدوار ڊاڪٽر بدر چنا ۽ جي ڊي اي جي اميدوار اياز لطيف پليجي صحيحون ڪيون. انھي موقعي تي نظير قريشي، ظفر جوڻيجو ڪاشف صديقي، پروفيسر فھيم نوناري، مبن مڱريو پڻ چارٽر جي اھميت تي ڳالھايو. ڳالھائيندڙن چيو ته ھي مطالبن بابت سنڌ جي ھر ضلعي ھر ڳوٺ ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ھن چيو ته ھنن مطالبن تي ھر اميدوار کان صحيون ڪرايون وڃن.ڳالھائيندڙن وڌيڪ چيو ته پاليسيون ناھن اھي ٺاھيون وڃن, ٻوڏون اچڻ فطري عمل آهي.اھڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ اپاء ورتا وڃن. ھن چيو ته عورتون جي حقن وارا قانون ته ٺھيل آھن پر انھن تي عمل گھٽ ٿيندو آهي اھڙن قانون تي عملدرآمد ڪرائيڻ لاءِ تڪڙا اپاء ورتا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.