خيرپور/ڊيرا مراد جمالي(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو+شاهد نواز سيال+م ڊ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي چئني صوبن ۾ اڪثريت سان سوڀاري ٿيندي ۽ وزيراعظم پاڪستان پيپلزپارٽي جو ئي ٿيندو ، اهڙي ڳالهھ هن خيرپور ۾ وڏي عام جلسي کي خطاب دوران ڪئي هن چيو ته جيڪا مون 10 نڪاتي پروگرام جي ايجنڊا پيش ڪئي آهي ان تي هر صورت ۾ عمل ڪيو ويندو جنهن ۾ غريب ماڻهن کي بجلي 300 يونٽ تائين مفت فراهم ڪبي بي گھر ماڻهن کي گھر ٺاهي ڏنا ويندا عورتن کي جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پئسا ملندا آهن انهن کي ٻيڻو ڪيو ويندو، هن چيو ته خيرپور جي عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اليڪشن ۾ ووٽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو آهي جيالا ائين ئي نڪتا ته چئني صوبن ۾ وزير اعلي به جيالا ٿيندا ۽ پاڪستان جو وزيراعظم به جيالو ئي ھوندو هن چيو ته لاھور جا پراڻا سياستدان جيڪي تقسيم واري سياست ڪري رهيا آهن ان پوري ملڪ کي تقسيم ڪري ڇڏيو آهي،اسان انتقام جي سياست نه ڪنداسين ۽ سڀني کي گڏ کڻي ھلندا سين، ٻين کي حڪومت ملي ته هو پنهنجي پاڻ کي جيل وڃڻ کان بچائيندا پر جيڪڏهن مونکي حڪومت ملي ته مان غربت ۽ ملڪ جا مسئلا حل ڪندس هن چيوته ڪو به سياستدان اسان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي اسان عوامي معاهدو تيار ڪيو آهي هن چيو ته لاھور مان ٿي آيو آهيان،اتي گمبٽ ۽ خيرپور جي اسپتال جھڙي ھڪڙي به اسپتال نه آهي هن چيو ته توهان پ پ کي کٽرايون بينظير انڪم سپورٽ ھڪ طرف اسان ھارين لاءِ ڪسان ڪارڊ آڻينداسين ۽ نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ آڻينداسين هن چيو ته ن ليگ وارا چون ٿا ته ملڪ ۾ پيسا نه آهن، 18 ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ختم ڪيو پر مان چوندو آهيان پيسا آهن پر توهان چوري ڪئي آهي هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي نظر انداز ڪندڙن ۽ نا انصافي ڪندڙ آفيسرن کان حساب ورتو ويندو. حڪومت ۾ اچي اسلام آباد کان عوام جو حق کسي عوام کي در تي پهچائي ڏينداسين. هن چيو ته حڪومت ۾ اچي وفاق جي غير ضروري وزاتن تي خرچ ٿيندڙ 300 ارب عوام تي خرچ ڪنداسين، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اشرافيه کي ملندڙ ھڪ لک ارب کان مٿي ان جي سبسڊي مان بند ڪندس، ڪراچي کان ڪشمور تائين 8فيبروري تي شينهن جو تير سان شڪار ڪري شينهن کي ماري ڍير ڪنداسين ۽ هر طرف پ پ جا بيٺل اميدوار ڪامياب ٿيندا هنن چيو ته توهان مونکي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو مان بجيٽ کان پهريان ئي خيرپور دورو ڪندس ۽ ڪنهن به اميدوار کان نه پر توهان عوام عوام وٽ اچي توهان کان پڇا ڪندس ته توهان کي ڪهڙي ڪهڙي شئي جي ضرورت آهي ان کان اڳ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ،سيد مراد علي شاھ سيد خورشيد علي شاھ،ناصر شاهه،بچل شاھ،سيده نفيسه شاھ،منظور وساڻ،هالار وساڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.هوڏانهن ڊيرا مراد جمالي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته بيٽ ناهي رهي هاڻي رڳو ٻه پارٽيون ميدان ۾ آهن، هاڻي مقابلو تير ۽ شينهن جو ٿيندو،اسان تير سان شينهن جو شڪار ڪنداسين، هن چيو ته بلوچستان ۾ بيهي اسلام آباد کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ،هاڻي به ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هڪ شخص کي پاڪستان تي چوٿون ڀيرو مڙهيو وڃي، ڇا عوام ان کي ووٽ ڏيندو جنهن ٽي ڀيرا وزيراعظم رهي به ڪو ڪم نه ڪيو؟ هن جلسي ۾ سوال ڪيو ته ڇا توهان ن ليگ جي ناڻي واري وزير جر ڪردار مان مطمئن آهيو؟ ڇا توهان ان کي ٻيهر ناڻي وارو وزير ڏسڻ چاهيو ٿا، هن چيو ته اسان 8 فيبروري تي پنهنجا حق ڇني عوامي حڪومت ٺاهينداسين، پاڪستاني عوام ڪنهن جو غلام ناهي،اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن مان عوام خوش ناهي، پرڏيهي سطح تي پاڪستان خلاف سازشون ٿي رهيون آهن،هن چيو ته لڪي ويهي رهڻ ته بزدلن جو ڪم آهي، ڪاغذي شينهن عوام جي وچ ۾ اچڻ کان ڊڄي رهيو آهي، لاهور مان به اليڪشن وڙهي رهيو آهيان، سندس ئي گهر ۾گهڙي تير سان شينهن جو شڪار ڪندس