اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو قانون ۽ ضابطن موجب آهي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو سڀني کي قبول ڪرڻ گهرجي. ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽين ۾ جمهوريت لاءِ انٽرا پارٽي چونڊون شفاف طريقي سان ٿيڻ گهرجن. ماضي ۾ اسان جي پارٽي کان چونڊ نشان به ورتو ويو هو.