لال حويلي تان عمران خان جون تصويرون ۽ پي ٽي آءِ جا جهنڊا لاٿا ويا

راولپنڊي (م ڊ )  عام چونڊون 2024 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي خلاف اميدوار بيهارڻ کان پوءِ لال حويلي تان عمران خان جون تصويرون هٽايون ويون آهن. پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي راولپنڊي شهر جي ٻنهي تڪن اين اي 56 ۽ 57 تان  عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان انڪار ڪندي ان جي مقابلي ۾ پنهنجا 2 اميدوارن ميدان ۾ لاٿا آهن جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي. ذريعن موجب شيخ رشيد جي خلاف باقاعده اميدوار لاهڻ جي اعلان کان پوءِ لال حويلي تان عمران خان جي تصويرن سان گڏ پي ٽي آءِ جا جهنڊا به لاٿا ويا آهن.ذريعن ٻڌايو آهي ته شيخ رشيد جي رهائشگاهه ٻاهران ڏاڪڻن ۽ ڪانفرنس رومز ۾ عمران خان جي اڪيلي سر ۽ شيخ رشيد سان گڏ نڪتل ڪيتريون ئي تصويرون لڳل هيون. 8 سالن کان لال حويلي ۾ موجود انهن تصويرن کي گذريل ڏينهن هٽايو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن هڪ وڊيو پيغام ۾ شيخ رشيد پنهنجي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ اميدوار کي سامهون آڻڻ تي چيو ته مون دوستي نڀائي پر پي ٽي آءِ منهنجي خلاف لنڊن ۽ آمريڪا مان ايندڙن کي ٽڪيٽ  ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.