ڪنهن به پارٽي کي اليڪشن کان ٻاهر ڪرڻ جي حق ۾ ناهيون: خورشيد شاهه

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته  اسان ڪنهن به پارٽي کي اليڪشن کان ٻاهر ڪرڻ جي حق ۾  ناھيون ۽  نه ئي وري پيپلز پارٽي ڪنھن پارٽي کان انتخابي نشان کسڻ جي حق ۾آهي، پني عاقل ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيد احمد شاھ چيو ته پيپلزپارٽي پھرين ڏينھن کان چوي پئي ته ھر پارٽي کي ليول پلينئگ فيلڊ ملڻ گھرجي، ڪجھ پارٽيون اليڪشن مھم شروع ناھن ڪري سگھيون خبر ناھي ته ڇا سبب آھي، بيٽ وارو مسئلو حل ٿي ويو پوءِ به پارٽيون اليڪشن مھم ناھن شروع ڪري رھيون، خورشيد احمد شاھ وڌيڪ چيو ته اسان نٿا چاھيون ته ملڪ کي نگران حڪومت جي رحم ڪرم تي ڇڏيو وڃي، نگران حڪومت ايڏي نااھل آھي جو ھارين کي ڀاڻ به نٿا ڏئي سگهي، اسان پر اميد آهيون ته سنڌ سميت پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان کٽي پيپلزپارٽي حڪومت ٺاھيدي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.