آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهنداسين، عمران خان جي نالي تي ووٽ ملندو: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بيرسٽر گوهر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ اسان جا اميدوار آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهندا. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيلن چيو هو ته عدالتي فيصلي کان پوءِ پي ٽي آءِ جا اميدوار هاڻ آزاد اميدوار طور تي چونڊ ۾ حصو وٺندا. ان حوالي سان اڳ ئي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي ان لاءِ ڪابه فڪر جهڙي ڳالهه نه آهي. بيرسٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ چونڊن ۾ زور شور سان حصو وٺندي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ به پارٽي رجسٽرڊ آهي ۽ عدالت اميدوارن کي چونڊ وڙهڻ کان نه روڪيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي. اسان کي انصاف جي اميد هئي ۽ خواهش هئي ته انصاف ٿيندي نظر اچي پر ائين نه ٿي سگهيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا 10 ڪروڙ ووٽر آهن ڪنهن کي به انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض نه هو البته اهڙن ماڻهن اعتراض ڪيو جن جو پي ٽي آءِ سان تعلق نه آهي. هن چيو ته جن 14 ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون انهن ۾ به پي ٽي آءِ جو ڪوبه ميمبر نه رهيو. بيٽ رهندو نه رهندو پاڪستان جي عوام عمران خان جي نالي تي ووٽ ڏيندي. بيرسٽر علي ظفر چيو ته تحريڪ انصاف جا سمورا ميمبر آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهندا. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ پي ٽي آءِ سمورين سيٽن کان  محروم ٿي ويندي ۽ قومي يا صوبائي اسيمبلي ۾ انهن کي ڪابه مخصوص سيٽ نه ملندي. جڏهن ته  اميدوار به ڌار ڌار نشان تي آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.