اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان کسجڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن جي لاءِ پي ٽي آءِ اميدوارن کي الڳ الڳ چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر وهيل چيئر جي نشان تي چونڊ وڙهندو. اليڪشن ڪميشن بئريسٽر گوهر کي چونڊ نشان چينڪ ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن موجب صوابي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 20 تان شهرام ترڪئي ۽ پي ڪي 49 تان رنگريز احمد کي فاخته جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي. پي ڪي 51 ۾ عبدالڪريم کي ڪٽلي ۽ پي ڪي 52 مان فيصل ترڪئي کي گهڙيال جو نشان ڏنو ويو آهي. وزيرآباد مان پي ٽي آءِ اميدوار احمد چنا کي پيالو ڏنو ويو، اين اي 38 جي اميدوار شاهد خٽڪ کي باجو ڏنو ويو. پي ڪي 97 جي اميدوار خورشيد خٽڪ باجو نشان الاٽ ڪيو ويو. ملتان جي تڪ اين اي 150 تان شاهه محمود قريشي جي پٽ زين حسين قريشي کي چونڊ نشان جوتو، جڏهن ته اين اي 151 تان سندس ڌيءَ مهربانو قريشي کي چونڊ نشان چمٽو ڏنو ويو آهي. مظفرڳڙهه مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 175 تان پي ٽي آءِ جي جمشيد دستي کي هارمونيم جو نشان ڏنو ويو آهي جڏهن ته اين اي 176 تان کيس هوائي جهاز جو چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو آهي. اين اي 177 تان پي ٽي آءِ جي معظم خان جتوئي کي تڪ اين اي 178 تان پي ٽي آءِ جي دائود خان جتوئي کي چينڪ جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 132 تان پي ٽي آءِ جي محمد حسين ڊوگر کي ڪرڪيٽ اسٽمپس جو نشان ڏنو ويو آهي. پي ڪي 97 جي اميدوار خورشيد خٽڪ کي پيراشوٽر ۽ پي ڪي 98 جي اميدوار سجاد بارڪوال کي چونڊ نشان ٽرانسفارمر الاٽ ڪيو ويو. پنجاب اسيمبلي جي سيٽ پي پي 175 تان پي ٽي آءِ جي سردار راشد طفيل کي به ڪرڪيٽ اسٽمپس جو نشان ڏنو ويو آهي. اين اي 108 تان پي ٽي آءِ جي صاحبزاده محبوب سلطان ۽ جهنگ مان اين اي 109 تي پي ٽي آءِ جي شيخ وقاص اڪرم جو چونڊ نشان کٽ هوندو. اهڙي طرح پي ڪي 9 تان سلطان روم کي ڳاڙهي مرچ ۽ پي ڪي 10 تي محمد نعيم کي فرائي پين جو نشان ڏنو ويو آهي.