بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ نگران حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي: مرتضيٰ سولنگي

لاهور (م ڊ ) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بلوچستان جا مسئلا پاڪستان جون وڏيون سياسي پارٽيون ۽ لاڳاپيل ڌريون ئي حل ڪري سگهن ٿيون، نگران حڪومت جي بس جي ڳالهه ناهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته بلوچ عورتن جو مارچ جڏهن شروع ٿيو کين اسلام آباد پهچڻ تائين ڪا به تڪليف نه ٿي، جڏهن هو اسلام آباد پهتيون ته کين چيو ويو ته کين جلسي لاءِ ايف 9 پارڪ ڏئي سگهجي ٿو پر سندن اصرار هو ته هو ريڊ زون ويندا. نگران وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته لاٺي چارج جو واقعو رات جو هڪ وڳي کانپوءِ پيش آيو، پريس ڪلب تي موجود ماڻهن ريڊ زون طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس طرفان لاٺي چارج ڪيو ويو، اسان انهن ڏانهن وياسين. عورتن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، هاڻي جتي هو ويٺا آهن کين ايمبولينس ڏني وئي آهي. اسان چاهيون ٿا ته هو پرامن طور واپس وڃن ۽ ايندڙ حڪومت سندن مسئلا حل ڪري. نگران سڌ سماءَ واري وزير چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته ملڪ جو نظام چونڊيل نمائندا هلائيندا، سڀني کي خبر آهي ته 8 فيبروري تي چونڊون ٿي رهيون آهن، پاڪستان جي اشرافيه ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اقتدار ۾ رهي آهي. هن وقت سڀ کان وڏو معاشي چئلينج آهي، مان سمجهان ٿو ته سپريم ڪورٽ بهتر فيصلو ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.