ڪراچي (م ڊ ) تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملير ۾ تحريڪ انصاف جي ورڪرز ڪنوينشن کان اڳ پوليس ڇاپا هڻي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ راجا اظهر جو چوڻ آهي ته هو ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ شير افضل مروت جي گرفتاري جي ڪوشش جي مذمت ڪن ٿا. پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس ڪارروائي ڪري پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي مهيسر هائوس ملير تي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ڇاپو هنيو ته ڪارڪنن ڪنوينشن کان اڳ ئي مارجي ويو، شير افضل مروت مهيسر هائوس ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪرڻ وارو هو.