سپريم ڪورٽ جو فيصلو جمهوريت جي شڪست آهي،عدليه ساک وڃائي ڇڏي: قانوني/سياسي ماهر

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف کان بيٽ جو انتخابي نشان واپس وٺڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي، جيڪو قانوني  ۽ سياسي حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.جڏهن ته هڪ سياسي ۽ قانوني حلقو ان حڪم کي آئيني طور تي صحيح قرار ڏئي رهيو آهي، پر ڪيترائي ماڻهو ان تي تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ اهو موقف اختيار ڪري رهيا آهن ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ هڪ پارٽيءَ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ ناانصافي آهي. ڪجهه مبصرن جو سوال آهي ته ڇا اهڙي قدم کانپوءِ به چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون؟.

سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل جبران ناصر ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي لکيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جا وڏا نتيجا نڪرندا. اهو فيصلو ‘حلال هارس ٽريڊنگ’ جي برابر هوندو، ڇاڪاڻ ته ‘جيڪو اميدوار پي ٽي آءِ ووٽرن جي حمايت سان کٽي سگهي ٿو، اهو دٻاءُ، اثر رسوخ يا ذاتي فائدي لاءِ چونڊن کانپوءِ ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿي سگهندو.

پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته ان فيصلي جو اسان تي ڪو به اثر نه پوندو، عوام ۽ ووٽرن کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف کي ايندڙ اليڪشن ۾ روڪڻ لاءِ هر حد پار ڪئي پئي وڃي. پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته هي ماڻهو جيڪي به ڪن، اسان اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪنداسين.

رئوف حسن موجب سندس پارٽي کي طاقتور ادارن جي دٻاءَ هيٺ ٻين تنظيمن پاران سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ملڪ جو ڪو به ادارو آزاديءَ سان فيصلو نه پيو ڪري.

آئيني ماهر احمد محبوب بلال جو چوڻ آهي ته منهنجو خيال آهي ته تحريڪ انصاف کي بيٽ جي نشاني هٽائڻ سان گهڻو نقصان نه ٿيندو تنهن هوندي به سندن ووٽرن کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ته سندن علائقي ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار ڪير آهي.

تجزئي نگار وجاهت مسعود جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي سان ايندڙ چونڊن جي ساک کي نقصان پهچندو. قانوني طور اهو فيصلو درست آهي پر سياسي طور تي اهو فيصلو مناسب نه ٿو لڳي ڇاڪاڻ ته سياسي فيصلا عدالتن ۾ نه ٿيڻ گهرجن. اسان عمران خان سان جيترو چاهيو اختلاف ڪري سگهون، پر ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته هن وٽ ووٽ آهي. ان ڪري هن ووٽر کي سياسي طور عزت ڏيڻ ضروري آهي.

نامور وڪيل ريما عمر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي نوعيت کي ”ضرورت کان وڌيڪ سخت“ ۽ ”سخت سزا“ سان ڀيٽ ڏيندي بنيادي حقن لاءِ وڏو ڌڪ قرار ڏنو.

بئريسٽر اسد رحيم خان فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي نوعيت ۽ کل جوڳي منطق کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته سپريم ڪورٽ تمام گهٽ وقت ۾ پنهنجي ساک وڃائي چڪي آهي، اهو بلڪل کل جوڳو فيصلو آهي. سماجي ڪارڪن عمارعلي جان چيو ته اهو فيصلو نه رڳو پي ٽي آءِ جي شڪست آهي پر پاڪستان ۾ جمهوري قدرن جي به شڪست آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 15 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.