ڪارونجهر جي ڪٽائي سان خوفناڪ ماحولياتي تباهي ايندي:سڄاڻ ڌريون

مٺي(ڊ ر) ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ھلندڙ ڪيس ۾ مضبوط ۽ وزنائتي قانوني ويڙھ کي وڌائڻ جي سلسلي ۾ ٻن ڏينھن جي دوري لاءِ سپريم ڪورٽ جي وڪيل سجاد احمد چانڊيو،سنڌ  انڊيجينئس رائيٽس جي اڳواڻ ڪامريڊ ابيرا اشفاق، سنڌ انڊيجينئس رائيٽس ڪراچي چيپٽر جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ ڪاظم حسين مھيسر،سنڌ انڊيجينئس جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ،عوامي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ ۽ ليگل ايڊوائيز ايڊوڪيٽ وسند ٿري، وائيلڊ لائيف فوٽوگرافر سلمان بلوچ،ايڊوڪيٽ عمران بلوچ،عوامي تحريڪ اڳواڻ ايڊوڪيٽ ديال صحرائي ۽ ايڊوڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊوڪيٽ احسن ڪيريو مٺي بار جي صدر منور ساگر سميت ٻين وڪيل اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ ڪارونجھر جي تاريخي اھميت بابت اڃان وڌيڪ انگ اکر گڏ ڪري عالمي ادارن ۾ پڻ ڪيس پيش ڪرڻ لاء صلاح مصلحت ڪئي، ڄاڻايل ٽيم بعد ۾ اسلام ڪوٽ پريس پهچي صحافين ملاقات ڪري ڪارونجهر بابت ڄاڻ ورتي ۽ تفصيل ميڊيا سان شيئر ڪيا، سجاد احمد چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته ڪارونجهر سان جيڪڏهن ڪا به هٿ چُراند ٿي ته ماحولياتي وڏي تباهي ايندي ،جنهن جا تمام گهڻا نقصان سامهون ايندا، اسان سموري معاملي بابت عوام کي اِهو ٻُڌائڻ نڪتا آهيون ته توهان سجاڳ ٿيو ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي جي مالڪي ڪيو ،مُلڪ هن وقت ماحولياتي چئلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي،هي حُڪمران انٽرنيشنل ليول جي ميٽنگن ۾ اُتي ڳالهيون ڪندا آهن ته اسان ماحوليات تي بهترين ڪم ڪري رهيا آهن،پر هتي هُو ڪارونجهر جهڙن حَسين جبلن کي تباھ ڪري ماحولياتي تباهي برپا ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقامي وڪيلن پٽيشن داخل ڪئي ۽ اسان پنهنجو فرض سمجهي اُن جو حصو بڻياسين، هاءِ ڪورٽ تازو ڪارونجهر جي حق ۾ زبردست فيصلو ڏئي ورلڊهيريٽيج ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي،جنهن بعد نگران سرڪار وري اُنهي فيصلي کي چئلنج ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ ويئي آهي،حالاڪي نگران سرڪار کي ڪو به ميڊيٽ ناهي ته هُو اهڙي ڪا حرڪت ڪري پر اُنهن غلط قدم کنيو آهي، گذريل حُڪومتن ڪارونجهر جي ليزن بابت ڪمپنين کي ڪوڙا ۽ جعلي ٺيڪا ڏنا،عوامي ردعمل سبب اُهي ٺيڪا رد ٿيا،پ پ حڪومت جي نيت هميشه ٺيڪ ناهي رهي،اُنهن سنڌ کي مارڪيٽ سمجهي وڪيو آهي،ڪٿي به ڪو قديمي ماڳ يا تاريخي قبرستان ناهي ڇڏيو،سڄي سنڌ جي ڀينگ ڪرڻ بعد هي هاڻي ڪارونجهر کي کوٽي وڪرو ڪري ختم ڪرڻ ٿا چاهين،ڪارونجهر جي کوٽائي ته پري جي ڳالھ پر اُن جو هڪ پٿر به اسان کڻڻ نه ڏينداسين،ڪارونجهر سان هٿ چُراند ٿي ته ماحوليات بابت وڏا نقصان سامهون ايندا،سنڌ ۾ ماحوليات وارو قانون تمام پُراڻو آهي،هن وقت جي صورتحال کي ڇڏي پُراڻن پنن تحت تباهي جي منظوري ڏني ٿي وڃي، مائنز کاتو سمورا غيرقانوني ڪم ڪري رهيو آهي،اسان وٽ سمورو قانون موجود آهي،مڪمل قانوني نقتن تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪارونجهر جو ڪيس کٽيو آهي،اِهو ئي ڪاميابي آهي جو سپريم ڪورٽ اسان جي ڪيس کي ٻُڌي هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي،هاڻي اسان جو مقصد آهي ته عوامي پريشر وڌي،عدالتن ۾ اڪثر ويندڙ فيصلا سرڪار جي حمايت ۾ ايندا، آهن،اُنهي مقصد ته سرڪار ڪوڙن ڪاغذن تحت پلان تيار ڪري کڻي ايندي آهي،جنهن ڪيس ۾ عوامي ردعمل وڌيڪ هوندو آهي اُهو ڪيس عدالت بهتر نموني ٻُڌنڌي آهي، جنهن ڏينهن ڪارونجهر ڪيس جي ٻُڌڻي هجي اُنهن ڏينهن دوران سوشل ميڊيا تي مهم تيز هجڻ گُهرجي،اُها مهم ڪيس جي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي،عدالتون عوام جي ردعمل کي وڌيڪ اهميت ڏينديون آهن،اڄ اسان جي اچڻ جو سڄو مقصد اِهو آهي ته عوامي رد عمل جهڙو ڪو پليٽ فارم ناهي، انڊيجينئس رائيٽس جي اڳواڻ ڪامريڊ ابيرا اشفاق چيو ته ڪارونجهر ڪيس بابت اسان سپريم ڪورٽ ۾ ڪافي ڪوششون ڪيون آهن، اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي ۾ هڪ وڏي بيٺڪ ڪوٺائجي جنهن ۾ وڏن وڏن رائيٽرز،اينڪرپرسنز ۽ ٻين کي گُهرائي ٻُڌائجي ته ڪارونجهر ڪيس اهم آهي، حفيظ بلوچ چيو آهي ته اسان سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ سمورن قبضن خلاف ويڙھ ڪئي آهي جيڪا ويڙھ جاري آهي،بحريا ٽائون جي ظلمن خلاف وڙهون پيا، اسان سان گڏ اُتان جي مقامي ماڻهن وڏو ساٿ ڏنو،مقامي ماڻهن جي گڏ بيهڻ سان اشوز اهميت اختيار ڪري ويندو آهي.

ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف ننگرپارڪر ۾ بک هڙتال

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ننگرپارڪر ۾ عوامي تحريڪ پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف بُک هڙتال، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرسيڪريٽري وسند ٿري،ضلعي صدر وڪيل ديوتراء،مرڪزي اڳواڻ ديال صحرائي،مرڪزي اڳواڻ راحيل ڀٽو،اي بي چارو،ڪلتار ميگھواڙ،کئنراج ڪولھي،مگھنو ڪولھي نيتراج ڪولھي، ادي ھريئان،پياسي ميگھواڙ،ڏاھو ڪولھي،منسک ڪولھي،موھن ميگھواڙ،  ڪستورچند، ڪيول ڪولھي، پرتاب ڪولھي،سميڙو ميگھواڙ،ارجڻ ميگھواڙ، پريمون ڪولھي، عالم پاتاڻي ۽ ڪارونجهر سڄاڳ فورم جي اڳواڻن الھرکيو کوسو، مصطفيٰ دل، واگھو مل ميگھواڙ، ذوالفقار کوسو،رميش ڪارونجھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي بک ھڙتال ڪئي وئي،جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف بک ھڙتال ڪئي ويئي آھي، سنڌ جون زمينون ھڪ وڏي سازش تحت وڪرو ڪيون پيون وڃن، ڪارپوريٽ فارمينگ جي نالي ۾ زمينون وڪڻڻ بند ڪيون وڃن،نگران حڪومت کي اھو اختيار ئي ناھي ته ڪنھن قوم جا وسيلا وڪرو جھڙا پاليسي وارا مسئلا اٿارين.،ھن ملڪ جي دفاعي مورچي، تاريخي،مذھبي ،ثقافتي ۽ تھذيبي ورثن جي تذليل ڪندڙ ۽ ناڻي لاءِ وڪرو ڪندڙ ۽ تباھ ڪندڙ ملڪ دشمن آھن،ڪارونجھر ھن سڄي خطي جي ماحول، پنج لک آبادي، لکين پکين، ٻوٽن ۽ بين جاندارن جي جيئاپي جو ضامن آھي. ھن جبل مان ايندڙ پاڻي سڄي پارڪر کي سيراب ڪري ٿو، ھن جبل کي ڪٽڻ وارو عمل، انھي سڄي ايڪوسسٽم جي تباھي جو سبب بڻبو. انھن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ جي سياسي اڳواڻن، باشعور ماڻھن، ساڃاھوندن بار بار ڪانفرنسون، سيمينار، ريليون ۽ مظاھرا ڪري، ڌرڻا ھڻي، مضمون لکي، ڪتاب لکي، تحقيق ڪري ھر دفعي رد ڪئي آھي! زبردستي ھن جبل جي ڪٽائي ڪرڻ ھن قوم ۽ وطن دشمن عمل ھوندو، ان ساڳي جبل کي سياحتي مرڪز بڻائي ڪروڙين روپيا سرڪار ڪمائي سگھي ٿي. باقي ٿر جا ڪرسي لاءِ ٻاڏائيندڙ وڏيرا سدائين رمورٽ سسٽم تي ھلندا آھن انھن جا جبل جي ڪٽائي جي حق ڏنل بيان، سڄي سنڌ جي باشعور ماڻھن پرزور رد ڪيو آھي، ھر فورم تي جدوجھد ڪري رھيا آھيون، آواز اٿاري رھيا آھيون، دنيا جي سڀ کان پراڻي جبل ۽ جيالاجيڪلي منفرد اھميت رکندڙ ھن جبل جي ڪٽائي ھن سڄي خطي لاءِ خطرو بڻجي سگھي ٿي، مطالبو ڪجي ٿو ته ڪارونجھر کي عالمي ثقافتي ورثي جو حصو بڻايو وڃي.

ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن:لال جروار

حيدرآباد (پ ر)سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي جي اڳواڻ، سنڌ جي سورمي زاهده شيخ جي ڇهين ورسي ۽ سنڌياڻي تحريڪ  جي مرڪزي ڪانفرنس جو پروگرام مهراڻ آرٽس ڪائونسل، لطيف آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. هزارين عورتن، ٻارڙن ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اديبن، سياسي سماجي شخصيتن جي پروگرام ۾ شرڪت. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي باڊي جي به چونڊي وئي جنهن ۾ عمراه سمون صدر ۽ سنڌو مڱڻهار جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويون. جبري مذهب مٽائڻ ۽ زوري شادين جي روڪٿام، ڪارو ڪاري، سڱ چٽين، بدي جي شادين سميت سمورين عورت دشمن ريتن رسمن کي ختم ڪرڻ جو ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو. زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن جو سلسلو بند ڪري، زمين هارين ۽ هارياڻين ۾ ورهائڻ جو ڪانفرنس ۾ مطالبو. سنڌ جي عورتن کي سياسي ۽ معاشي برابري ڏيڻ ۽ گهريلو هنرن جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ جي قرارداد به منظور. هر عورت ۽ مرد کي روزگار ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ عورتن جو به مردن جي برابر اجورو ڪرڻ جو مطالبو. تعليم کاتي، صحت کاتي، عدليه، فوج، پوليس سميت سڀني سرڪاري شعبن ۾ عورتن کي مردن جي برابر روزگار جا موقعا ڌيڻ ۽ سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين، ميونسپل ڪارپورشنن، ٽائونڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن ۾ عورتن کي برابر نمائندگي ڏيڻ جو مطالبو. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته 15 سال اڳ اغوا ٿيل فضيلا سرڪي ۽ اڍائي سال اڳ اغوا ٿيل پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل سمورن ٻارڙن، عورتن، نوجوانن توڙي پيرسن پورهيتن کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي اغوا انڊسٽري کي بند ڪيو وڃي. ليڊي هيلٿ ورڪرس جي 19 سالن جي سينيارٽي کي ختم ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي انساني حقن جي لتاڙ قرار ڏيندي ڪانفرنس مطالبو ڪيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرس جي سينيارٽي بحال ڪئي وڃي. گهرن ۾ پورهيو ڪندڙ عورتن کي سنڌ جي ليبر کاتي ۾ مزدور طور رجسٽرڊ ڪري کين سرڪاري موڪل ۽ پينشن جو حق ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. شاهدي جي قانون سميت جن به قانونن ۾ عورت کي مرد کان گهٽ ڏيکاريل آهي، سي ڪارا قانون ختم ڪرڻ، جاگيرداري، سرداري ۽ جرڳائي نظام کي عملي طور ختم ڪرڻ سميت عورتن ۽ سنڌي عوام جي مطالبن جون 52 قراردادون منظور ڪيون ويون. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي نئين چونڊيل مرڪزي صدر عمره سمون، سماجي اڳواڻ نصرت شاهين،  سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر زرقا هاليپوٽو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري سنڌو مڱڻهار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حسنه راهوجو، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماه نور ملاح، شاهين خاصخيلي، ليکڪ فهيم نوناري، ڪلاسيڪل رقاص اسفند يار خٽڪ، لطيف جي پارکو منٺار فقير، سنڌ ليکڪن، اديبن، شاعرن، قلمڪارن ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته سنڌ جي وجود جي بچاءَ واري جدوجهد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو بي مثال ڪردار آهي. ادي زاهده شيخ سنڌ جي تاريخي شخصيت هئي. هوءَ لطيف جي سورمين جو عملي روپ هئي. هن چيو ته زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن. پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ کي وڪري جو وکر بڻايو آهي. ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن ۽ مشرف جي ساٿاري وڏيرن جا اتحادي به پيپلز پارٽي جيان سنڌ دشمن آهن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو چيو ته سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ سنڌ جي عورتن کي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيستائين سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي تي مشتمل عورت جدوجهد جي ميدان ۾ نه ايندي اوستائين ڪا به جدوجهد ڪامياب نه ٿيندي. هن چيو ته زاهده شيخ هڪ بي مثال ڪردار هئي. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن سان اتحاد ڪندڙ جي ڊي اي توڙي سنڌ وڪرو ڪندڙ پيپلز پارٽي ٻئين عوام لاءِ نقصانڪار آهن. سنڌياڻي تحريڪ جي نئين چونڊيل مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته پيپلز پارٽي سنڌي عوام لاءِ ڪڙو زهر ۽ جي ڊي اي مٺو زهر آهي. سنڌ جو عوام پنهنجن پيرن تي بيهي، ڪنهن به جاگيردار، وڏيري يا جديد سياسي وڏيري جو آسرو نه ڪري.هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي سميت ڪنهن به اقتداري پارٽي وٽ سنڌي عوام جي ايجنڊا ڪونهي. هن چيو ته قبيلائي ۽ جاگيرداري نظام سنڌ جي لبرل قومي مزاج تي هڪڙو بدنما داغ آهي. جاگيرداري، سرداري ۽ قبائلي جرڳائي نظام ختم ٿيڻ گهرجي. ملڪ جي حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب سنڌ سميت سموري ملڪ جون عورتون غلامي کان به بدتر زندگي گذاري رهيون آهن. هن چيو ته عورت جي آزادي ۾ ئي پورهيت مرد جي آزادي سمايل آهي. سنڌ جي عورتن کي سياست جي ميدان ۾ اڳڀرو ٿيڻو پوندو. سنڌياڻي تحريڪ جهڙي انقلابي سياسي پارٽي سان جڙي ڪري ئي سنڌ جون عورتون نئين سنڌ اڏڻ لاءِ جدوجهد ڪري سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته زاهده شيخ جهڙن انمول ڪردارن کي سنڌياڻي تحريڪ هميشه ياد رکندي. سماجي اڳواڻ نصرت شاهين چيو ته عورتن لاءِ ٺهيل قانونن تي عمل نٿو ٿئي. عورتن کي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ سياست ۾ اچڻو پوندو. عورتن کي زاهدا شيخ جهڙو مضبوط ٿيڻ گهرجي. سنڌياڻي تحريڪ جي نئين چونڊيل مرڪزي باڊي کي مبارڪون ڏيندي ليکڪ فهيم نوناري چيو ته اميد آهي ته سنڌياڻي تحريڪ سنڌ جي اڀرندڙ مسئلن تي اڳ جيان جدوجهد ڪندي. نيو لبرل فيڊل جي آمريت، زمينن جي نيلامي خلاف سنڌياڻي تحريڪ مان ڀرپور جدوجهد جي اميد آهي.  عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهه نور ملاح چيو ته 21هين صديءَ ۾ به سنڌ جون عورتون غلامي واري زندگي گذاري رهيون آهن. سڱ چٽين ۽ پئسن تي وڪرو ڪري شاديون ڪرائڻ جهڙين رسمن جي نالي ۾ عورتن جو وڪرو ٿي رهيو آهي. سنڌ جي عورتن کي سياسي سماجي ۽ معاشي برابري ملڻ گهرجي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سنڌو مڱڻهار چيو ته  قبيلائي، سرداري ۽ جاگيرداريءَ وارو نظام سنڌ جي سماج کي قيدي بڻائي، اڳتي وڌڻ کان روڪي صديون پوئيتي ڌڪيندو رهيو آهي. ان صدين جي ظلم کان، سنڌ جا ماڻهو  بيزار ٿي چُڪا آهن ۽ جرڳائي نظام جلد کان جلد جان ڇڏائڻ  چاهين ٿا. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر زرقا هاليپوٽو چيو ته وحشي صفت جاگيرداري نظام صدين کان سنڌ جي لکين بيگناه عورتن ۽ مردن جو قاتل رهندو آيو آهي. هي جاگيرداري، سرداري ۽ جرڳائي نظام ختم ٿيڻ گهرجي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حسنه راهوجو چيو ته جنرل پرويز مشرف کي سزا ڏيڻ واري عدالتي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. آئين ٽوڙيندڙ سمورن آمرن ۽ جابرن کي به ساڳي ملڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي نئين چونڊيل باڊي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار حلف کڻايو. نئين چونڊيل باڊي ۾ عمرہ سمون صدر، زرقا ھاليپوٽو سينيئر نائب صدر، حسنه  راھوجو نائب صدر سنڌو مڱڻھار جنرل سيڪريٽري، سنڌو ملاح ڊپٽي سيڪريٽري، شمشاد لغاري جوائنٽ سيڪريٽري، شاھين خآصخلي ميڊيا سيڪريٽري،  ڪائينات ڏاھري، اطلاع سيڪريٽري جنت ھاليپوٽو، سوشل ميڊيا سيڪريٽري صائمہ مڱڻھار ثقافتي سيڪريٽري، افشين ميمڻ خزانچي، سورٺ مڱڻھار ليگل سيڪريٽري، ساجدہ ڀاڻو آفيس سيڪريٽري، مروبت ھاليپوٽو ميمبرن ۾ بيگم ھاليپوٽو، سنڌيہ فاضل، عظمت ھاليپوٽو، ماه نور ملاح، زينت ميرجت، سڀاني ڏاھري، مريم انڙ، شمائلا جروار، ساجدہ چانڊيو، سلمہ لاشاري، ريحانه  جتوئي، زاھدہ لاشاري،سيبياڻي برھماڻي، مھوش نوناري، عصمت مڱڻھار، آمنه  ڪيرانو، مريم گوپانگ، پرھ سومرو، زويا پليجو، ھير پليجو، رشيدہ پليجو ۽ ساجده پليجو شامل آهن. ڪانفرنس ۾ سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ جي سورمي زاهده شيخ کي سلامي ڏني وئي. قومي فنڪارن قومي ۽ انقلابي گيت ڳائي پنڊال جهومائي ڇڏيو. ڪوهاٽ مان آيل اسفند يار خٽڪ به سنڌي گيتن تي رقص ڪري داد وصول ڪيو.

سرداري نظام رد، هر نياڻيءَکي ماسٽرز تائين مفت تعليم جو مطالبو

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌياڻي تحريڪ جي هيءَ ڪانفرنس وهشي قبيلائي، سرداري ۽ جاگيردار نظام کي عملي طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي. قبيلائي، سرداري ۽ جاگيرداري نظام کي بچائڻ جي هر ڪوشش کي سنڌياڻي تحريڪ جي هيءَ ڪانفرنس سنڌ دشمن، سنڌي عوام دشمن، عورت دشمن عمل سمجهي ٿي. ڪارو ڪاري، سڱ چَٽِي، بي جوڙ شادين، نياڻين جي وڪري،حق بخشرائڻ، قرآن سان شادي ڪرائڻ سميت هر قسم جي گهريلو تشدد تي قانوني پابندي وڌي وڃي  فاطمه ڦرڙو، تانيا خاصخيلي، نازيا چنه سميت سمورين بيگناهه نياڻين جي قاتلن کي گهٽ ۾ گهٽ ڦاهي جي سزا ڏني وڃي. نمرتا چنداڻي، نوشين ڪاظمي سميت سمورن مبينه قتلن جي ٻيهر جاچ ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي جوڊيشل جاچ ڪميشن جوڙي وڃي. تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ هراسمينٽ جي ڪيسز، قتلن ۽ ٻين ڏوهن جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽين ۾ ان تعليمي اداري جي آفيسرن بدران هائي ڪورٽ جي حاضر سروس ججن جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وڃي. 15 سال اڳ اغوا ٿيل فضيلا سرڪي ۽ اڍائي سال اڳ اغوا ٿيل پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل سمورن ٻارڙن، عورتن، نوجوانن توڙي پيرسن پورهيتن کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي.صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري، انهن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي. ان سان گڏ صحافين جي تحفظ لاءِ گهربل اپاءَ ورتا وڃن. سنڌياڻين جي تعليم جو شهرن، ان جي ڪچين آبادين توڙي ڳوٺن ۾ جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. هر ڇوڪريءَ کي ماسٽرز تائين مفت تعليم ڏني وڃي ۽ لازمي قرار ڏنو وڃي، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرين جي لاءِ مناسب گنجائش واريون هاسٽلون تعمير ڪرايون وڃن. هر پنجن ڪلوميٽرن تي ڇوڪرين جي تعداد مطابق پرائمري مڊل ۽ هاءِ اسڪول جي سهولت ڏني وڃي. ڇوڪرين توڙي ڇوڪرن جي تعليم کي قانوني تحفظ ڏئي لازمي قرار ڏنو وڃي. گهرن توڙي ٻنين ۾ ننڍي عمر جي ٻارن کان پورهيو وٺڻ کي قانوني ڏوهه قرار ڏنو وڃي. شهرن، ان جي ڪچي آبادين توڙي ٻهراڙين ۾ عورتن جي علاج لاءِ  معياري اسپتالون ۽ ويم گهر کوليا وڃن. تعليم کاتي، صحت کاتي، عدليه، فوج، پوليس سميت سڀني سرڪاري شعبن ۾ عورتن کي مردن جي برابر روزگار جا موقعا ڏنا وڃن ۽ عورتن کين مردن جي معاوضي برابر معاوضو ڏنو وڃي. سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين، ميونسپل ڪارپورشنن، ٽائونڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن ۾ عورتن کي برابر نمائندگي ڏني وڃي. عورتن جي بين الاقوامي پروگرامن ۾ سنڌي پورهيت عورتن جي شرڪت ڪرائي وڃي ۽ راندين جي عالمي مقابلن ۾ سنڌياڻين جي شرڪت ڪرائي وڃي. تعلقي سطح تائين سرڪار جي طرفان عورتن کي گاڏين هلائڻ جي سکيا لاءِ مرڪز قائم  ڪيا وڃن. ان سان گڏ شاگردياڻين ۽ گهٽ اسڪيل واري نوڪري پيشه عورتن کي مفت ۾ اليڪٽريڪل موٽر بائيڪ ڏنيون وڃن. ملازمت پيشه عورتن جي ميٽرنٽي موڪل چاليهن ڏينهن مان وڌائي چار کان ڇهه مهينا ڪئي وڃي ۽ کير پياڪ ٻارن ۽ نوڪري پيشه پيٽ وارين مائرن لاءِ هر آفيس ۾ جدا جڳهه جو بندوبست ڪيو وڃي. ٻني ٻاري جي پورهئي سان لاڳاپيل سنڌ جي هارياڻين کي مفت ۾ زمينون ڏئي، کين بنا وياج جي آسان قسطن تي قرض ڏنا وڃن ته جيئن اهي جديد زرعي مشينري خريد ڪري سگهن. ان سان گڏ کين جديد زرعي مشينري جي استعمال جي سکيا به ڏني وڃي. زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جا سلسلا بند ڪيا وڃن. وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ سبزي، ۽ ٻين عام واهپي جي شين جي سرڪاري بازارن ۽ مختلف ڏينهن ۽ مختلف هنڌن تي لڳندڙ مخصوص بازارن ۾  گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو عورت دڪاندارن لاءِ مخصوص ڪيا وڃن. هٿ جي هنرن کي زور وٺائڻ لاءِ ڳوٺن ۾ هنري مرڪز قائم ڪيا وڃن ۽ اتي ٺهيل شين کي مارڪيٽ ۾ پهچائڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺي انهن شين جو پورو معاوضو هنرمند عورتن کي ڏياريو وڃي. ڳوٺن توڙي شهرن ۾ صنعتون لڳرائي اتي سنڌياڻين کي روزگار ڏنو وڃي. سنڌياڻين لاءِ ٽيڪنيڪل ڊپلوما ڪورسز جا ادارا ۽ ٻيا شعبا کوليا وڃن ۽ کين ٽيڪنيڪل ميدان ۾ اڳتي آندو وڃي. گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم عورتن جي تحفظ ۽ سندن معاوضي وڌائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ۽ سندن لاءِ هاسٽلون قائم ڪيون وڃن ۽ کين ملازم جي حيثيت ۾  موڪل جو حق ڏنو وڃي، کين مزدور طور رجسٽر ڪريو وڃي. هر ملازم پيشا عورت کي رٽارمينٽ ۽ پينشن جو حق ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ڪئي وڃي. ليڊي هيلٿ ورڪرز جن هر ڳوٺ، هر پاڙي، جهرجنگ وڃي، صحت لاءِ تمام گهڻيون بنيادي خدمتون سر انجام ڏنيون آهن، انهن کي 19 سالن جي سينيارٽي کان محروم ڪيو ويو آهي، هي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن سروس مطابق سينيارٽي ڏني وڃي ۽ ان سينيارٽي جي بنيادن تي رٽامينٽ ۽ پينشن سان گڏ کين پروموشن به ڏنا وڃن. شهرن ۾ مختلف ملازم پيشه سنڌي عورتن جي رهائش لاءِ هاسٽلون ٺهرايون وڃن ۽ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو وڃي. پوليس ٿاڻي سميت هر انتظامي اداري ۾ عورت آفيسرن ۽ عملي کي مقرر ڪيو وڃي ۽ عورتن لاءِ جدا سيل قائم ڪيا وڃن. هر تعلقي سطح تي عورتن جو ٿاڻو مقرر ڪيو وڃي. ڳوٺن ۾ مٺي پاڻي، بجلي، روڊن ۽ ٽرانسپورٽ جو مڪمل انتظام ڪري سنڌياڻين جون تڪليفون ختم ڪيون وڃن. سنڌياڻين لاءِ نمائشون، فنڪشن، ميلا ۽ چٽاڀيٽين جا پروگرام ڪرايا وڃن، انهن ۾ خاص طور تي ٻهراڙيءَ جي عورتن کي حصو ڏياريو وڃي ۽ کين سماجي طور اڳتي آندو وڃي. شاهديءَ جَي قانون ۾ عورتن سان ڪيل اڻ برابريءَ، قصاص، ديت ۽ ٻين انسان دشمن، عورت دشمن ڪارن قانونن کي رد ڪري نئين قانون سازي ڪئي وڃي. سنڌي عورتن جي تعليمي، ادبي ۽ فڪري اوسر لاءِ شهرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪرايون وڃن. سنڌي عورتن جي تفريح لاءِ سنڌ جي سمورن شهرن ۾ تفريح گاهون قائم ڪيون وڃن. 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن تي عام موڪل ڪئي وڃي ۽  عورتن لاءِ هر يوسي سطح تي پروگرام ڪرايا وڃن ۽ پبلڪ هال مفت ۾ مهيا ڪيا وڃن. يونين ڪائونسل سطح تي ڇوڪرين جي راندين لاءِ ميدان مخصوص ڪيا وڃن ۽ ڇوڪرين جي راندين کي هٿي وٺرائي وڃي. گٽڪي، پان، چرس، آئيس، مختلف نشي آور سوپارين، هيروئن ۽ ٻين نشن جي سرعام وڪري سبب سنڌ جا اڪثر نوجوان ۽ ٻار نشي جا عادي ٿي ويا آهن، هي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ ۾ نشي آور شيون اسمگل ڪندڙ اسمگلرن ۽ انهن جي سرپرستن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، نشي آور شين جي وڪري کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ۽ سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ نشي جي عادي ماڻهن جي علاج لاءِ اسپتالون قائم ڪيون وڃن. گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم عورتن کي سرڪار جي ليبر کاتي ۾ رجسٽرڊ ڪيو وڃي، کين سرڪاري موڪلن، ملازمت جي تحفظ، سرڪار طرفان مقرر ڪيل اجرت ڏيڻ سميت سمورا بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ گهربل قانونسازي ڪري ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. سنڌ ۾ ڏوهارين کي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري انگن اکرن مطابق جنسي ڏاڍائين جا 369 ۽ اجتماعي زيادتين جا 29،  بدفعلي  جا 256 ۽ ڪاروڪاري جا 145 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هي ڪانفرنس سمجهي ٿي ته عورت دشمن ريتن رسمن کي جيئاري، جاگيرداري ۽ جرڳائي نظام کي سنڌ مٿان مڙهڻ سبب هنن ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ هي ته سرڪاري انگ اکر آهن پر صورتحال ان کان به وڌيڪ بدتر آهي تنهنڪري عورت دشمن ريتن رسمن جي پاڙ پٽڻ لاءِ گهربل اپاءَ ورتا وڃن. ڪراچي يونيورسٽي ۾ متعارف ڪرايل ڪي ايس پي پاليسي سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي يونيورسٽي مان دخل ڪرڻ جو منصوبو آهي. هي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ ڪي ايس پي جهڙين انسان دشمن، انساني حقن جي لتاڙ وارين پاليسين کي هڪدم ختم ڪيو وڃي. بحريا ٽائون، ذولفقارآباد، ڊي ايڇ اي، ڪمانڊر سٽي ۽ ٻين غير قانوني رهائشي ڪالونين جي قبضن هيٺ آيل توڙي خالي پيل سرڪاري زمينون سنڌ جي بي زمين هارياڻين ۽ هارين ۾ مفت ۾ ورهايون وڃن. سئي گئس انتظاميا طرفان گئس ڪنيڪشن لاءِ مقرر ڪيل ڳريون قيمتون سنڌ جا مزدور ۽ هاري ادا نٿا ڪري سگهن. ان ڪري سنڌ جي غريب گهراڻن کي مفت ۾ گئس جا ڪنيڪشن لڳائي ڏنا وڃن ۽ ٻهراڙي توڙي ڪچي آبادي ۾ گئس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سان گڏ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي. آمر پرويز مشرف جي سزا برقرار رکڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي هي ڪانفرنس آجيان ٿي ڪري ۽ مطالبو ٿو ڪجي ته ان فيصلي تي جلد کان جلد عمل ڪيو وڃي ته جيئن ٻين آمرن ۽ آئين ٽوڙيندڙن لاءِ هي سزا عبرت بڻجي ۽ اهي پنهنجن ناپاڪ منصوبن کي ختم ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.