پاڙيسري ملڪ ادارا ٺاهيا، پاڪستان جو جمھوري نظام ناڪارا بڻجي ويو:ايڇ ايل ايف

حيدرآباد: ايڇ ايل ايف ۾ ”صحافت ۾ سياست“ جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنھن جي ماڊريٽر عورت صحافي ثنا ھاشمي ھئي. ان موقعي تي سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن مظھر عباس چيو تھ ھن وقت اھا صورتحال آھي تھ ٽي وي چئنل تبديل ڪرڻ سان لڳندو آھي تھ چئنل ڪھڙي پارٽي کي سپورٽ ڪري رھيو آھي، اھو ھر دور ۾ ائين ٿيندو آيو آھي،  ڪيترائي اھڙا ميڊيا جا ادارا رھيا آھن، جيڪي سياسي تنظيمن جا رھيا آھن. ھن چيو تھ ڪو صحافي ڪنھن ميڊيا ھائوس ۾ رھندي اداري جي پاليسي تي عمل ڪري رھيو آھي تھ اھو صحافت نھ پر ڪلارڪي ڪري رھيو آھي، ادارن جي مالڪن معاشري جي بھتري لاءِ ادارا ناھن جوڙيا، انھن ادارن کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آھي. ھن چيو تھ سوچ تحت طاقتور ٿيڻ لاءِ ميڊيا جا ادارا قائم ڪيا پيا وڃن، صحافي جو ڪردار تڏھن ئي جڙندو آھي، جڏھن ھو پنھنجي خبر تي بيھي رھندو آھي. ھن چيو تھ ھن وقت اسان بريڪنگ نيوز جي ڊوڙ ۾ آھيون، جنھن سبب تحقيقي صحافت متاثر ٿي آھي، تحقيقي صحافت لاءِ وقت گھربل ھوندو آھي، پر ھن وقت ميڊيائي ادارا بريڪنگ نيوز جي ڊٻي کي وڄائي رھيا آھن، ميڊيا ھائوسز جا مالڪ بھ تحقيقي صحافت نٿا چاھين. ھن چيو تھ پاڪستان ۾ ڪوبھ نيوز چئنل خبرن لاءِ نٿو کوليو وڃي، اھو پنھنجي ذاتي مفادن لاءِ کوليا ۽ خريد ڪيا ويندا آھن، ڪجھھ ادارن کانسواءِ ھن وقت اڪثر ادارن جا مالڪ ڪاروباري ماڻھو آھن، پاڪستان براڊڪاسٽنگ ايسوسيئيشن مستقبل ۾ پاڪستان بلڊرايسوسيئيشن بڻجي ويندي. ھن چيو تھ مالڪ چون ٿا تھ پاڻ بھ کائو ۽ اسان کي بھ کارايو، صحافت ان موڙ تي بيٺي آھي. ھن چيو تھ  صحافي يونين جو وڏو ڪردار رھيو آھي، انھن کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پر مالڪ نان پروفيشنل رويي سان آيا آھن، انھن پنھنجا پئمانا طئھ ڪري ڇڏيا آھن، اسان کي ٽانگا پارٽين جي ڪوريج ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ھن وقت جي ميڊيا قوم جي ميڊيا ناھي، اھڙي صورتحال رھي تھ ميڊيائي ادارا 4 سال بھ مشڪل سان ھلندا. نامياري صحافي امداد سومرو چيو تھ صحافي جو ڪم معاشري ۾ ٿيندڙ ھر ناانصافي، ميرٽ جي لتاڙ، عوام سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ھر سياسي اثر رسوخ کان ھٽي ان کي نروار ڪرڻ آھي، اسان کي پنھنجي حصو جو ڪم بنا ڪنھن خوف جي ڪرڻو آھي، اسان کي پنھنجو ايمانداري سان ڪرڻ گھرجي، ھن چيو تھ صحافي ھن معاشري کان ڌار نٿو ٿي سگھي، جتي جائز حقن جي حاصلات لاءِ رشوت ڏيڻ سان گڏ ٻيا ڪيترائي انيڪ مسئلا ھجن، اتي صحافي معاشري کان ڌار ٿي نٿو رھي سگھي، بيوروڪريٽن کي ڀائرن جھڙي دوست وارو سڏڻ وارو اصطلاح مشھور بڻيل آھي، اسين پوليس جي خوشامد ڪريون ٿا، سياستدانن جي جي حضوري ڪندا آھيون، اھي مسئلا اسان ۾ موجود آھن، ائين نھ ھئڻ گھرجي. ھن چيو تھ جيڪي حقيقي صحافي آھن، انھن جي پگھار لکن ۾ بھ ناھي، پر جيڪي اينڪر آھن، انھن کي اسان صحافي ئي نھ مڃندا آھيون، انھن جو صحافين  ۾ شمار ئي نٿو ٿئي، اھي ھڪ اداڪار آھن، اھي ڪروڙين رپين جون پگھارون کڻن ٿا، جيڪي وڏين وڏين گاڏين ۾ ھلن ٿا. ڪراچي پريس ڪلب جي نائب صدر ۽ صحافي رشيد ميمڻ چيو تھ ميڊيا ۾ ٻن قسمن جا صحافي آھن، جن ۾ ھڪڙا صحافي اھي آھن، جيڪي معاشري جي بھتري لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن ۽ ٻيا پنھنجي مفادن لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن، ميڊيا ۾ اھي ٻئي عنصر موجود آھن. ھن چيو تھ ميڊيا ۾ ساک ان جي ھوندي آھي، جيڪو عوام جي ڳالھھ ڪري ٿو، بنا ڪنھن فرق جي صحافت ڪرڻ ئي صحافت آھي، ڊجيٽل معلومات کي اپنائڻ گھرجي، انھن کي اپنائڻ کانسواءِ صحافي ڪم نٿو ڪري سگھي، ھي ڊجيٽل ميڊيا جو دور آھي، ھاڻي توھان کي ھر شيءِ واٽس ايپ تي ملي وڃي ٿي، سوشل ميڊيا ذريعي خبر ملي وڃڻ خراب ڳالھھ ناھي، ان تي تحقيق ڪري اسٽوري ٺاھي سگھجي ٿي، ھن وقت بھ ڪيترائي صحافي آھن، جيڪي تحقيقي صحافت ڪري رھيا آھن، ڊان ليڪس تحقيقي اسٽوري ھئي. ھن چيو تھ صحافين ۾ بھ طبقا جوڙيا ويا آھن، صحافت ۾ سياست جو رجحان پيدا ٿيو آھي، اڳ ۾ ٽي وي چئنلز جون ھيڊلائينز ڏسي ئي اخبارون پنھنجون سپر ليڊ ۽ ليڊ طئھ ڪنديون ھيون پر ھن وقت ٽي وي چئنلن تي ذاتي مفادن جي بنياد تي ھيڊلائينز جوڙيون وڃن ٿيون، پروفيشنل ازم ختم ٿي ويو آھي، ميڊيائي ادارا خريد ڪندڙ نان پروفيشنل ماڻھو ميڊيا جو ٻيڙو ٻوڙي رھيا آھن.

سنڌي ڪھاڻيون پنھنجي ڌرتي سان جڙيل آهن: مدثر بشير

حيدرآباد: ايڇ ايل ايف ۾ نامياري ليکڪ، اديب احمد سليم جي ياد ۾ ويھڪ ٿي. ان موقعي تي پنجابي ٻوليءَ جي نامياري ناول نگار مدثر بشير  ڪتاب جي مھورت ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي نامياري ناول نگار ليکڪ مدثر بشير چيو ته مون سنڌي ناول جو اردو ترجمو نه پڙھيو آھي. سنڌي ڪھاڻين جا اردو ترجما پڙھيا آھن. سنڌي ڪھاڻيون پنھنجي ڌرتي سان جڙيل آهن. ھن چيو ته سڀني ٻولين لاءِ احترام آهي. ٻولين ۾ ويڇا ختم ٿيڻ گهرجن. ھن چيو ته احمد سليم ڪامريڊ ڄام ساقي تي ڪتاب لکي ٻولين ۾ ڪو فرق نه رکيو ھو. ان موقعي تي ناليواري صحافي ياشين جوڻيجو ڳالھائيندي چيو ته احمد سليم جو ادب ۾ وڏو ڪم سنڌي ادب کي ترجمون ڪرڻ ھو. احمد سليم اردو ،سنڌي، پنجابي ، پشتو کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ به ترجماڪيا آھن.  احمد سليم کي شاھه حسين جي شاعري سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻو، ضياء جي مارشلا دور ۾ سياسي روين سبب رولڙو پيو . جنھن کان ھو مايوس ٿي ويو. ھن چيو ته اسان کي پنهنجي ٻولي جيان ٻين ٻولين سان پيار ڪرڻ گھرجي. هن ويهڪ جي ماڊريٽر امرتا اسد پليجو ھئي.

تعليم، صحت ۽ پوليس سميت سمورن ادارن جو حال ساڳيو آھي:ڪليم امام

حيدرآباد: حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ ”پوليس ۽ عوام“ جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنھن جو ماڊريٽر ناميارو صحافي ۽ اينڪر فھيم صديقي  ھو، سيشن دوران اڳوڻي آئي جي سنڌ ڪليم امام جي لکيل ٻن ڪتابن جو مھورت پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي آءِ جي سنڌ ڪليم امام سيشن ۾ ڳالھائيندي چيو تھ ٿاڻا وڪامن ٿا، پر بدقسمتي سان چوڻو پوي ٿو تھ سڄي نظام جو اھا ئي حالت آھي، تعليم، صحت ۽ پوليس سميت سمورن ادارن جو حال ساڳيو آھي، اھا خرابي صرف پوليس کاتي ۾ ناھي، ان خرابي جو حل ڳولڻو پوندو، اسان پاڻ ٺيڪ ٿيڻ چاھيون ٿا؟ اھو ھڪ سوال آھي، اسان شيون ٺيڪ ڪرڻ چاھيون ٿا پر ان ۾ اسان پنھنجو حصو نٿا وجھون.  ھن چيو تھ پوليس نظام ۾ خرابيون آھن، ان جو سبب پوليس جي ڪمن ۾ مداخلت آھي، ان کي وسيلا نٿا وڃن، سھولتن جي کوٽ آھي، مسئلا حل ڪرڻ جي نيت ڪرڻ سان ئي سسٽم کي ٺيڪ ڪري سگھجي ٿو. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ چيو تھ سياسي بنيادن تي بدليون ۽ مقرريون ٿين ٿيون، پر ڪليم امام پنھنجي آءِ جي سنڌ جي دور ۾ اسان ايس ايس پيز کي سختي سان ھدايت ڪئي تھ ايس ايڇ اوز کي بھ قانون تحت پنھنجو مقرر وقت پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، جنھن اسان کي ايس ايڇ اوز جي بدلين مقررين کان سختي سان منع ڪيو. ھن چيو تھ سياسي اثر کي ھاڪاري بھ وٺڻ گھرجي. ڊي آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ چيو تھ ڪچي جو مسئلو پراڻو آھي، اھو ھميشھ ھڪ وڏو چئليجنگ رھيو آھي، حيدرآباد ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي، پر اتي ڊوپلمينٽ جي صورت ۾ ڪرائيم گھٽجي ويو ۽ امن امان قائم ٿي ويو. ايس ايس پي نوشھروفيروز سھائي عزيز ٽالپر چيو تھ عورتن لاءِ پوليس جو ماحول سازگار آھي، مسئلو معاشري جي ماحول ۾ آھي، مسئلو پوليس جي نظام ۾ ناھي، ٽرئفڪ پوليس ۾ ڪيتريون ئي عورتون ڪم ڪري رھيون آھن، پر تازو ئي ڪراچي ٽرئفڪ پوليس ۾ ڪم ڪندڙ عورت شادي کانپوءِ چيو تھ ان کي آفيس ۾ مقرر ڪيو وڃي، اھا روڊ تي ڊيوٽي نٿي ڪري سگھي، اھا خرابي اسان جي معاشري جي آھي، ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھن چيو تھ يونيورسٽين ۾ مسئلا پيش آيا، جنھن مسئلن جي حل لاءِ يونيورسٽين ۾ حراسمينٽ جي حل لاءِ ڪميٽيون ٺھيل آھن.

يونيورسٽي جو وي سي عورتن کي هراسان پيو ڪري:ماروي اعواڻ

حيدرآباد: نائين حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جي آخري ڏھاڙي تي ”عورت اڳواڻ طور“ جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنھن جي ماڊريٽر سپنا نصرت ھئي. ان موقي تي سنڌ سھائي سٿ جي اڳواڻ ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڊاڪٽر عائشھ ڌاريجو چيو تھ ڪشمور جي مارچ اسان لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪيا، اسان عورتن کي پٺتي ڪرڻ واري نظام ۽ سوچ خلاف آھيون، وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ماروي اعواڻ چيو تھ سياسي ماڻھو جيڪي اربين رپيا ھڙپ ڪري وڃن ٿا، اھي عورتن کي تذليل جو نشانو بڻائين ٿا، ھڪ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پاڻ عورتن کي هرسمينٽ جو نشانو بڻائي ٿو تھ اسان جو سماج ڪھڙي موڙ تي بيٺل آھي، اھڙي صورتحال ۾ اسان جي عورت ۽ ڇوڪريون ڪيئن محفوظ رھنديون؟ وومين لائيرز فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ شازيھ نظاماڻي چيو تھ عورتن جو تحفظ رياست جي ذميواري آھي.، آئين عوامي ھنڌن تي بھ برابر جا حق ڏئي ٿو، جنھن آئين کي عورتن کي ضرور پڙھڻ گھرجي، قانون آئين مان ٺھندا آھن، سنڌ ۾ گذريل 20 ورھين دوران عورتن جي حوالي سان وڌيڪ قانونسازي ٿي آھي،

ايڇ ايل ايف ۾ سنڌي اردو مشاعرو

حيدرآباد: ايڇ ايل ايف ۾ سنڌي اردو مشاعرو ٿيو, جنھن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي مشھور شاعرن پنھنجي شاعري پڙھي داد وصول ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ايوب کوسي جي ڪتاب (تاريخ جو ٻاريل ماڻھو )آتم ڪٿا جي مھورت ڪئي وئي. مشاعري ۾ مشھور شاعر افضال احمد سيد، ايوب کوسو، بخشڻ مھراڻوي، منور ھاليپوٽو، تاج جويو، احمد سولنگي، خليل عارف سومرو، امبرين نديم، تنوير انجم، اشرف پلي، دلدار شاھ، ڊاڪٽر سلمان سروت،خالد راڄپر،صاديه  بلوچ، حينا امبرين، يونيس اعظيم سيعدي ۽ ٻين شاعري پڙھي داد وصول ڪيو.

پاڙيسري ملڪ ادارا ٺاهيا، پاڪستان جو جمھوري نظام ناڪاره بڻجي ويو:ايڇ ايل ايف

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ھلندڙ ٻن ڏينھن وارو ايڇ ايل ايف پنھنجي پڄاڻي تي پھتو، ميلي جي آخري ڏھاڙي تي مختلف فڪري ويھڪن سان گڏ مشاعرو ۽ راڳ جي محفل ٿي، رات دير تائين جاري رھندڙ محفل موسيقي  ۾ ناميارن فنڪارن ۽ فنڪارائن سر وکيريا، جنھن تي ميلي ۾ نوجوانن جي وڏي انگ سميت شريڪ ھزارين ماڻھو جھومندا رھيا. حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جي پڄاڻي تي ”پاور پاليٽڪس ۽ حقيقي جمھوريت جو سوال“ جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنھن جو ماڊريٽر صحافي رشيد ميمڻ ھو. ان موقعي تي مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي کيئل داس ڪوھستاني سيشن ۾ ڳالھائيندي چيو تھ اقتدار جي حاصلات ڪا خراب ڳالهھ ناھي، بدقسمتي سان اقتدار جي حاصلات جي عمل کي منفي ورتو پيو وڃي، ھن چيو تھ ھن ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ 3 ڀيرا آمريتون لڳيون آھن، بدقسمتي سان ھن ملڪ جا جيڪي وزيراعظم آيا آھن، انھن پنھنجو مدو پورو ناھي ڪيو، جنھن جو سبب جمھوريت جو ڪمزور ھئڻ آھي، جمھوريت جي مضبوطي لاءِ آئين جي بالادستي قائم ڪرڻي پوندي، پارليامينٽ سپريم ادارو آھي، ادارن کي پنھنجي حدن ۾ رھي ڪم ڪرڻو پوندو، ليڊرشپ قربانيون ڏيندي آئي آھي، ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو سميت ٻين اڳواڻن بھ قربانيون ڏنيون آھن، ملڪ جي ليڊرشپ جي وچ ۾ ھڪٻئي تي اعتماد جي کوٽ آھي. ھن چيو تھ مريم نواز ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آھن، ھن چيو تھ جمھوريت جي مضبوطي ۾ اسان ناڪام رھيا آھيون، ان لاءِ اڃا وڌيڪ جستجو جي ضرورت آھي، ان موقعي تي نامياري دانشور ۽ ليکڪ انعام شيخ چيو تھ ملڪ جي قيام کان ئي خرابيون پيدا ڪيون ويون، ملڪ جي باني ئي پھرئين ڏينھن کان پاڻ 3_3 عھدا پاڻ وٽ رکيا، پر اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت پنھنجا ادارا ٺاھيا، اڄ اھو ملڪ بھتر انداز ۾ ھلي رھيو آھي، 58ع کان جيڪو ڪم شروع ٿيو آھي، اھو اڄ تائين جاري آھي، اڄ سامھون سياسي قوتون آھن، پر انھن جي پٺيان ٻي قوت آھي، ھن ملڪ جي سڄي تماشي ۾ وڏو نقصان عوام کي ٿيو آھي، ملڪ ۾ ڪابھ پارٽي ناھي، جيڪا عوام سان گڏ بيٺل ھجي، سياسي پارٽين جي عوام سان گڏ نھ بيھڻ جي ڪري نتيجو اھو نڪري ٿو تھ ھر ڏھين سال ملڪ ۾ مارشل لا مڙھي وڃي ٿي. ھن چيو تھ پاڪستان جو جمھوري نظام ناڪارھ بڻجي ويو آھي، ھن چيو تھ ھن سسٽم ۾ وڌيڪ عوام ڀوڳيو آھي، ھاڻي حالت اھا ھن حد تائين وڃي پھتي آھي تھ عوام جي دلچسپي ختم ٿي وئي آھي، ڀارت ۾ چانھه ٺاھڻ وارو وزيراعظم ٿي وڃي ٿو، اتي جمھوري نظام مضبوط آھي، پر ھتي صرف وڏين گاڏين ۾ ھلڻ وارو ۽ پئسي وارو وزيراعظم ٿي سگھي ٿو، اھو ھڪ وڏو الميو آھي، ان جو وڏو ڪارڻ اسٽبلشمينٽ آھي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.