پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف توهينِ عدالت جي درخواست واپس وٺي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ، پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن خلاف توهينِ عدالت جي درخواستون واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي .
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي اليڪشن ڪميشن خلاف توهينِ عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسي چيو ته هو اليڪشن ڪميشن خلاف توهينِ عدالت جي درخواست واپس وٺي رهيا آهن، جهموريت جي بقا لاءِ عوام جي عدالت ۾ وڃڻ پسند ڪنداسين.
لطيف کوسي چيو ته مونکي هدايتون مليون آهن ته درخواست واپس ورتي وڇي، اوهان( عدالت) جي 13 جنوريءَ واري فيصلي سان اسان جون 230 کان وڌيڪ سيٽون کسجي ويون.
لطيف کوسي اِهو به چيو ته اوهان حڪم ڏئي سگهون ٿا، اسان اوهان جي عدالت ۾ هي ڪيس نٿا وڙهڻ چاهيون، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان جو فيصلو مڃيو يا نه مڃيو اوهان جي مرضي.
لطيف کوسي چيو ته اوهان تي پي ٽي آءِ جي فيلڊ ئي کسي ورتي، اليڪشن ڪميشن رڳو چونڊ نشان واپس وٺي سگهي ٿو، هڪ پارٽي کي پارليمان مان ٻاهر ڪري پابندي لڳائي پئي وڃي، پي ٽي آءِ جا سڀ اميدوار آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندا ۽ مونجهاري جو شڪار ٿيندا.
جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان کي لڳي ٿو ته چونڊون شفاف نه آهن؟ جنهن تي لطيف کوسي جواب ڏنوته چونڊون بلڪل غير منصفاڻيون آهن، اسان عداليا لاءِ رت ڏنو، قربانيون ڏنيون.
سپريم ڪورٽ، پي ٽي آءِ طرفان ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف توهينِ عدالت جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.