نواز شريف تي ظلم ڪندڙن کان قدرت جو نظام انتقام وٺي رهيو آهي: مريم نواز

اوڪاڙا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف تي ظلم ڪندڙ هڪ، هڪ ڪردار پنهنجي انجام تي پهچي رهيو آهي.
اوڪاڙا ۾ نون ليگ جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف نه پر قدرت جو نظام ظالمن کان انتقام وٺي رهيو آهي، قدرت پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان بيٽ نه پر اُهو ڏنڊو هو جيڪو هنن هٿ ۾ پڪڙي غريب عوام تي وسايو، ان ئي ڏنڊي سان فوجي ٿاڪن تي حملا ڪيا ويا تنهنڪري هڪ دهشتگرد جماعت کي سياسي جماعت جو نشان نه ٿو ملي سگهي.
سندس چوڻ هو ته ظالم کي اڄ منهن لڪائڻو پئجي رهيو آهي، ڪڏهن پلستر چاڙهائي ڪڏهن وهيل چيئر تي ويهي ڊراما ڪندو آهي، ٻين کي چور چور چوڻ واري گهڙي به نه ڇڏي تنهنڪري سندس چونڊ نشان چوري ٿيل گهڙي هئڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته جيتري مضبوط حڪومت نواز شريف کي ملندي، ايتريون بهتر سهولتون عوام کي ڏنيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.