سنڌ جو ناليوارو اداڪار مير محمد لاکو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو ناليوارو اداڪار مير محمد لاکو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪمدار جي ڪردار سان مشهوري ماڻيندڙ مير محمد لاکي دل جي دوري سبب شانتي نگر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
مير محمد لاکي سوين ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، سندس لاڏاڻي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فنڪارن ۽ ٻين شخصيتن افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته مير محمد لاکو هر ڪردار محنت ۽ صلاحيت سان نڀائيندو هو، سوڳوار خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.