اليڪشن ڪميشن سينيٽ ٺهراءَ تي چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي ٺهراءَ تي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ 8 فيبروري تي رٿيل عام چونڊن ملتوي ڪرائڻ بابت سينيٽ جي منظور ٿيل ٺهراءَ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ کي خط لکي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن خط ۾ چيو آهي ته اوهان جي ٺهراءَ جو جائزو ورتو، اليڪشن ڪميشن صدر جي صلاح مشوري سان 8 فيبروري تي پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو.
اليڪشن ڪميشن جي خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته امن امان جي صورتحال يقيني بڻائڻ لاءِ نگران حڪومتن کي هدايتون جاري ڪيون آهن.
اليڪشن ڪميشن خط وڌيڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائيندسين، ماضي ۾ عام چونڊون ۽ مقامي حڪومتن جي چونڊون سياري جي موسم ۾ ٿينديون رهيون آهن، تنهنڪري هن مرحلي تي اليڪشن ملتوي ڪرڻ مناسب مشورو ناهي ۽ هن وقت عام چونڊون ملتوي نٿيون ڪري سگهجن.
واضح رهي ته پنج جنوري تي سينيٽر دلاور خان سڀ کان پهرين عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءُ سينيٽ ۾ پيش ڪيو هو جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو، قرارداد جي منظوري وقت سينيٽ ۾ 14 سينيٽرز موجود هئا.
ان کانسواءِ فاٽا سان واسطو رکندڙ آزاد سينيٽر بلال الرحمان به اٺ فيبروريءَ تي شيڊيولڊ چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ هڪ ٻيو ٺهراءُ سينيٽ جمع ڪرايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.