ادڪارا ريشم شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا ريشم اڃا تائين شادي نه ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته هوءَ شادي ڪري پاڳل نٿي ٿيڻ چاهي.
ادڪارا ويجهڙ ۾ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان کائنس هنيئر تائين شادي نه ڪرڻ بابت سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ ريشم ٻڌايو ته هن لاءِ شادي کان وڌيڪ پاڻ کي نفسياتي طور ٺيڪ رکڻ اهم آهي.
اداڪارا چيو ته مان شادي ڪري پاڳل نٿي ٿيڻ چاهيان، مون پنهنجي ڀرپاسي ايستائين جو پنهنجي ساهيڙين کي ڏٺو آهي، سندن شاديون به گهڻو عرصو نه هلي سگهيون، شاديون تيزي سان ٽٽي رهيون آهن، اِهو ڏسي دل گهٻرائڻ لڳندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته شوبز جي دنيا ڏٺو آهي جيڪي ايڏي محبت سان شادي ڪندا آهن گڏ رهندا آهن ته منهنجي خيال ۾ ٻنهي ساٿين اِها شادي نڀائڻ گهرجي پر ان باوجود جڏهن اِها شادي ٽٽي ويندي آهي ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.