پي ٽي آءِ عورتن کانپوءِ اقليتي سيٽن تان به هٿ ڌوئي ويٺي!

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي سيٽن کانپوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اقليتي سيٽن تان به هٿ ڌوئي ويٺي.
اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن جي سلسلي ۾ اقليتي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب پي ٽي آءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي مخصوص سيٽن جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن، قومي اسيمبلي جي ڏهه مخصوص سيٽن تي 37 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏئي ڇڏيا جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اقليتي اميدوار فهرست ۾ شامل نه آهن.
پي ٽي آءِ طرفان اقليتي اميدوارن جي فهرست اليڪشن ڪميشن کي ڏني وئي هئي، پر اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو هو.
جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ به معاملي تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪندي پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ عورتن جي سيٽن کانپوءِ اقليتي سيٽون به وڃائي ويٺي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.