نوَ مئي سانحو: پي ٽي آءِ باني پاران سمورن ڪيسن ۾ ضمانت جون درخواستون داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نوَ مئي سانحي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سمورن 12 ڪيسن ۾ ضمانت جون درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اعجاز آصف درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون.
داخل ڪيل درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي نوَ مئي وارن واقعن دوران عمران خان گرفتار هو ۽ ڪنهن مظاهري ۾ موجود نه هيو، پي ٽي آءِ باني کي سياسي انتقام طور ڦاسايو ويو.
درخواستن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم سمورن ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ ڀوڳي چڪو ۽ 5 مهينن کان جيل ۾ آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت 17 جنوري تي تمام ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪندي لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.