پيشاب جو رنگ ڦڪو ڇو هوندو آهي؟ سائنسدانن پتو لڳائي ورتو

پيشاب جو رنگ پاڻي پيئڻ جي عادتن، خوراڪ ۽ دوائن جي نتيجي ۾ تبديل ٿيندو آهي.
پر پيشاب جي هلڪي ڦڪي رنگ کي صحتمند سمجهيو ويندو آهي.
هاڻي پهريون ڀيرو سائنسدانن دريافت ڪيو آهي ته پيشاب جو رنگ ڦڪو ڇو هوندو آهي.
جرنل نيچر مائڪرو بائيولوجي ۾ ڇپيل تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته bilirubin نالي انزائم ان حوالي سان ڪردار ادا ڪندو آهي.
125 ورهين کان ماهرن کي خبر هئي ته معدي ۾ موجود مرڪب bilirubin کي urobilin ۾ تبديل ڪندا آهن، پر کين خبر نه هئي ته ائين ڇو ٿيندو آهي.
ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن رت جا ڳاڙها ذرڙا ڪمزوريءَ جو شڪار ٿيندا آهن ته معدي ۾ bilirubin خارج ٿيندو آهي.
حقيقت ۾ جيڪڏهن رت ۾ ان انزائم جو مقدار وڌي وڃي ته کل ۽ اکيون ڦڪيون ٿي وينديون آهن.
محققن ٻڌايو ته جينوم سيڪونسنگ سان ان انزائم جي دريافت ۾ مدد ملي.
هنن چيو ته اسان دريافت ڪيو ته معدي ۾ موجود بيڪٽيريا اسان جي روز مرهه جي زندگي تي اثرانداز ٿيندا آهن.
محققن ٻڌايو ته معدي ۾ موجود بيڪٽيريا bilirubin کي بي رنگ urobilinogen ۾ تبديل ڪندا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ پيشاب جو رنگ ڦڪو ٿي ويندو آهي.
سندن چوڻ هو ته ان دريافت سان معدي جي مرضن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.
محققن موجب جسم ۾ ان انزائم جو مقدار وڌڻ سان دماغ کي نقصان ٿيندو آهي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته اهو انزائم لڳ ڀڳ صحتمد بالغ ماڻهن جي جسم ۾ موجود هوندو آهي پر نون ڄاول ٻارن ۽ معدي جي مرضن جو شڪار ماڻهن ۾ نظر ناهي ايندو.
هاڻي هو تحقيق جي نتيجن جي تصديق انسانن تي ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته پيشاب جي رنگ سان طبي مسئلن جو اشارو ملندو آهي.
گھري ڦڪي رنگ جو مطلب اهو هوندو آهي ته اوهان جو جسم پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي جڏهن ته ڳاڙهو رنگ رت جو اشارو ڏيندو آهي.
ڀوري رنگ سان جيري جا مسئلا يا پيشاب جي نالي جي مسئلن جو اشارو ملندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.