مڙس زال جي پنجين شادي ڪرڻ تي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

نئين (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ شخص پنهنجي زال پاران پنجين شادي ڪرڻ تي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو واقعو ڀارتي رياست اندور ۾ پيش آيو جتي مڙس زال جي شادي تي مايوس تي انتهائي قدم کنيو.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 35 ورهين جو سنيل عورت جو چوٿون مڙس هو جنهن 2018ع ۾ شادي ڪئي هئي، زال جي پنجين شادي جو صدمو سنيل برداشت نه ڪري سگھيو ۽ هن پاڻي تي پيٽرول هاري باهه ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب سنيل جي موت جو پتو لڳايو ويو ته ٻنهي زال مڙس وچ ۾ جهيڙو هلي رهيو هو ۽ عورت گذريل سال کان پنهنجي والدين سان گڏ رهندي هئي جڏهن ته عورت سنيل خلاف ڏاج جي معاملي تي هراساني جو ڪيس به داخل ڪرايو هو ۽ امڪاني طور تي سنيل عدالتي ڪيس کان تنگ اچي انتهائي قدم کنيو.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته سنيل آپگهات ڪرڻ کان اڳ پنهنجي هڪ وڊيو بڻائي ۽ ان کي سوشل ميڊيا تي هڪ نوٽ سان گڏ شيئر ڪيو جنهن ۾ مبينا طور تي چيو ويو هو ته هو پنهنجي زال جي پنجين شادي کان ناراض آهي، جنهن تي پوليس جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.