چونڊون ملتوي ڪرڻ جو هڪ ٻيو ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو ٺهرءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ جمع ڪرايو ويو آهي.
چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ سينيٽر هلال الرحمان جمع ڪرايو، جيڪو فاٽا مان آزاد سينيٽر آهي.
سينيٽر هلال الرحمان جي ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته سخت ٿڌ ۽ برفباري خيبر پختونخواهه ۾ شهرين کي سازگار ماحول ۾ ووٽ وجهڻ کان روڪي رهي آهي، اميدوار چونڊ مهم هلائڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب اميدوارن تي دهشتگرد حملن جو خطرو آهي، صوبي جي ووٽرن ۽ اميدوارن ۾ احساس محرومي آهي.
سينيٽر هلال الرحمان موجب ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ غير موزون ثابت ٿي رهي آهي، تنهن ڪري عام چونڊون 8 فيبروري بدران موزون تاريخ تائين ملتوي ڪيون وڃن.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽ ۾ به چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.