16 جنوري کان پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 16 جنوري کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ جو امڪان آهي.
مهانگائي کان پريشان عوام لاءِ سٺي خبر آهي ته سڀاڻي کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو چٽو امڪان آهي.
ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت 5.32 رپيا في ليٽر گهٽجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ ڪا لاٿ نه ٿيندي.
هڪ سينيئر سرڪاري آفيسر موجب پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ جو هڪ سبب ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو قدر مستحڪم ٿيڻ به آهي.
16 جنوري کان گاسليٽ 3.29 رپيا ۽ لائٽ ڊيزل 1.75 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ڄاڻايل آفيسر اهو به ٻڌايو ته حڪومت ڊيزل جي اگهه ۾ ڪنهن به قسم جي لاٿ جو ارادو نٿي رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.