اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر جي گهر تي ڇاپي خلاف ايڪشن وٺندي ايس ايڇ او سميت اسلام آباد پوليس جي 5 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو.
بئريسٽر گوهر جي گهر پوليس وڃڻ تي انڪوائري جي حوالي سان اسلام آباد پوليس ترجمان جو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 13 جنوري تي پوليس هڪ مخبر جي اطلاع تي اشتهاري جي ڳولا ۾ سيڪٽر ايف سيون ٽو پهتي، اهو گهر بئريسٽر گوهر جو آهي، پتو پوڻ تي پوليس فوري طور واپس هلي وئي.
ترجمان موجب بئريسٽر گوهر سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي گهر پوليس وڃڻ جي شڪايت ڪئي، چيف جسٽس ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر کي طلب ڪيو ۽ معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو، معزز عدالت آءِ سي سي پي او کي ذاتي طور تي بئريسٽر گوهر جي شڪايت ٻڌڻ جو چيو، جنهن تي آءِ سي سي پي او اڪبر ناصر خان بئريسٽر گوهر کي جاچ جي خاطري ڪرائي.
ترجمان چيو ته آءِ سي سي پي او ڪنهن به پوليس آفيسر جي ڏوهي هجڻ تي ڪارروائي جي خاطري ڪرائي ۽ ڊي پي او سٽي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري تفصيلي رپورٽ 3 ڏينهن ۾ طلب ڪئي وئي.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب بئريسٽر گوهر جي گهر ڇاپي خلاف ايڪشن وٺندي ايس ايڇ او مارگلا سميت 5 اهلڪارن کي ايندڙ حڪم تائين معطل ڪيو ويو آهي، معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي، قانون جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ٿيندي.
بئريسٽر گوهر جي گهر تي ڇاپي جو معاملو، ايس ايڇ او سميت اسلام آباد پوليس جا 5 اهلڪار معطل
You might also like