پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رد، پي ٽي آءِ کان ”بيٽ“ وري کسجي وئي

 اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ پاران تحريڪ انصاف کي بيٽ جو چونڊ نشان واپس ڪرڻ واري فيصلي خلاف اليڪشن  ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ کان ”بيٽ“ جو چونڊ نشان کسجي ويو. .چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته فيصلي جي ڪاپي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪئي ويندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهيو ته انٽرا پارٽي جو سلسلو ختم ٿي ويندو. چونڊون ختم ٿي سگهن ٿيون. سپريم ڪورٽ ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي ٻئي ڏينهن به ٿي، جيڪا شام 7 وڳي تائين جاري رهي، جنهن بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو، جيڪو هاڻي ٻڌايو ويو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مخدوم علي خان سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف سميت ٻين پارٽين جي پنهنجي جواب ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊون نه ڪرائڻ تي 13 سياسي پارٽين کي ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو آهي. هن اهڙو جواب عدالت جي سوال تي ڏنو ته پي ٽي آءِ ميمبر الزام هڻي رهيا آهن ته سندن پارٽي سان تعصب ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر  سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي دوران دليل ڏنا آهن ته آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ اليڪشن ڪميشن کي انٽراپارٽي چونڊن جو جائزو وٺڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي، انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪري چونڊ نشان نه ٿو روڪي سگهجي . علي ظفر چيو ته چونڊون هڪ چونڊ نشان سان وڙهڻ سياسي جماعت جي حقن ۾ شامل آهي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ سان متڀيدي سلوڪ اختيار ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن بيٽ جو نشان کسي ظاهري طور بدنيتي ڪئي آهي. هن دليل ڏنا ته  پي ٽي آءِ جي ڪنهن به ميمبر انٽرا پارٽي اليڪشن کي چئلينج نه ڪيو آهي، اليڪشن چئلينج به ٿئي ها ته اهو سول ڪورٽ جو معاملو ٺهي ٿو، اليڪشن ڪميشن وٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جا اختيار نه آهن.پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل دليل ڏنا هت اِي سِي پِي فيصلي ۾ مڃيو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون ٿيون آهن.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ کي بيٽ جو چونڊ نشان ڏيڻ واري پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته توهان چئو ٿا ته اسٽيبلشمينٽ جو اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ آهي ته ثابت ڪيو، اسٽيبلشمينٽ اليڪشن ڪميشن تي ڇو دٻاءُ وجهندي؟ عدالت آئيني ادارن کي ته ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي، توهان بدنيتي جا الزام هڻو ٿا ته ٻڌايو بدنيتي ڪٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جي بدنيتي ثابت ڪرڻي پوندي، رڳو الزام هڻڻ ڪافي نه آهي. چيف جسٽس چيو ته هر ڪو اسٽيبلشمينٽ جو نالو کڻي ٿو، اصل ۾ فوج آهي، اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کي ثابت ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس چيو ته جمهوريت ملڪ سان گڏ سياسي جماعتن جي اندر به هجڻ گهرجي، بنيادي سوال پارٽيءَ جي آئين تي مڪمل عملدرآمد جو نه پر جمهوريت جو آهي . اڪبر بابر پي ٽي آءِ جو باني ميمبر هو، اهو پسند نه آهي ته ٻي ڳالهه آهي پر هن جي رڪنيت ته هئي، اڪبر بابر استعيفيٰ ڏني آهي يا ٻي پارٽي ۾ ويو آهي ته اهو به ڏيکاريو، رڳو اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته پارٽيءَ جو ميمبر نه آهي، ڇا توهان جي حڪومت ۾ اليڪشن ڪميشن آزاد ادارو هو جو هاڻي ڪنهن ٻئي جي ماتحت ٿي ويو؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان ليول پليئنگ فيلڊ گهرو ٿا، پنهنجي ميمبرن کي به ته ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻي پوندي. پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر  سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي دوران دليل ڏنا آهن ته آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ اليڪشن ڪميشن کي انٽراپارٽي چونڊن جو جائزو وٺڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي، انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪري چونڊ نشان نه ٿو روڪي سگهجي. علي ظفر چيو ته چونڊون هڪ چونڊ نشان سان وڙهڻ سياسي جماعت جي حقن ۾ شامل آهي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ سان متڀيدي سلوڪ اختيار ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن بيٽ جو نشان کسي ظاهري طور بدنيتي ڪئي آهي. هن دليل ڏنا ته  پي ٽي آءِ جي ڪنهن به ميمبر انٽرا پارٽي اليڪشن کي چئلينج نه ڪيو آهي، اليڪشن چئلينج به ٿئي ها ته اهو سول ڪورٽ جو معاملو ٺهي ٿو، اليڪشن ڪميشن وٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جا اختيار نه آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل دليل ڏنا هت اِي سِي پِي فيصلي ۾ مڃيو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون ٿيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.