لاهور (عوامي آواز نيوز) پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اميد جي ابتڙ گهڻي ڪاميابي ملي رهي آهي، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ آخر تائين مونجهاري جو شڪار رهي ، ان ڪري ڏکڻ پنجاب ۾ خاص طور اميدوار بيهارڻ ۾ناڪام ٿي وئي آهي، ن ليگ به ڏکڻ پنجاب ۾سگهارا اميدوار سامهون آڻي نه سگهي آهي، ان جو سمورو فائدو پيپلز پارٽي حاصل ڪري ورتو آهي ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ وڏي انگ ۾ اميدوار بيهارڻ ۾ڪامياب ٿي وئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ به وڏو زور لڳايو آهي ۽ علامه طاهر القادريءَ جي حمايت حاصل ڪري ن ليگ لاءِ وڏي پريشاني پيدا ڪئي آهي، جڏهن ته اعتزاز احسن جي ذريعي پي ٽي آءِ جي به لڳي ٿو ته حمايت حاصل ڪري چڪو آهي. ڇو ته پي ٽي آءِ جا ووٽر ن ليگ دشمنيءَ ۾ پنهنجو اميدوار نه هجڻ ڪري بلاول ڀٽو زرداري کي ووٽ ڏئي سگهن ٿا. ان ڪري ن ليگ لاءِ ڏکيائيون وڌي ويون آهن.