اليڪٽرڪ بائيڪ، ڪارن کي پوئتي ڇڏي ڏنو!

سموري دنيا ۾ اليڪٽرڪ بائسيڪل ( بائيڪ ) تيزيءَ سان ڪاميابيءَ جون منزلون طئي ڪري رهي آهي، يورپ جا ماڻهو بائسيڪل هلائڻ جا شوقين رهيا آهن، ٿوري فاصلي واري سفر لاءِ هو اليٽرڪ بائسيڪل جي استعمال کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.
آمريڪي شهر لاس ويگاس ۾ جاري ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ويهه هزار ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي، شو ۾ شرڪت ڪندڙ اليڪٽرڪ بائيڪ ۾ غيرمعمولي دلچسپي ورتي آهي.
وڪري جي معاملي ۾ اليڪٽرڪ بائيڪ، اليڪٽرڪ ڪارن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، جپاني ڪمپني هونڊا جي فولڊنگ اسڪوٽر جي ڀيٽ ۾ به اليڪٽرڪ بائسيڪل وڌيڪ وڪرو ٿي رهي آهي.
ڪاروباري معاملن تي نظر رکندڙ رسالي موجب، گذريل سال سموري دنيا ۾ چار ڪروڙ چاليهه لک کان وڌيڪ اليڪٽرڪ بائيڪ وڪرو ٿيون.
فيوچر گروپ جي ريسرچ ڊائريڪٽر اوليور بلنڪرڊ جو چوڻ آهي ته ماڻهو روز مره جي سفر سان گڏوگڏ سير ۽ تفريح لاءِ به اليڪٽرڪ بائيڪ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.