مسافر جو ڇرڪائيندڙ قدم، جهاز اڏڻ کان اڳ اوچتو دَر کولي ٽپو ڏئي ڇڏيائين

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ۾ جهاز جي اڏام ڀرڻ کان اڳ هڪ مسافر جهاز جو دَر کولي ٽپو ڏئي ڇڏيو.
رپورٽن موجب جهاز جي عملي سڀني مسافرن کي ٽڪيٽن موجب انهن جي سيٽن تي ويهاريو ۽ فضائي ميزبان به سيٽ بيلٽ ٻڌي چڪي هئي ۽ جهاز رن تي اچي اڏام ڀرڻ جي تياري ڪري رهيو هو.
ان ئي دوران هڪ مسافر کي الائي ڇا ياد آيو ۽ هو تڪڙ ۾ پنهنجي سيٽ تي اٿي جهاز جي در جي ويجهو پهچي ويو، فضائي ميزبان کيس ڏسي پريشان ٿي وئي پر جيستائين هوءَ مسافر تائين پهچي تيستائين هو در کولي چڪو هو.
ڪينيڊين پوليس مسافر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ کيس طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو، مسافر 20 فوٽ جي اوچائي تان هيٺ ڪِريو ۽ کيس گهڻا ڌڪ نه لڳا پر ان سڄي صورتحال ۾ وڌيڪ نقصان مسافرن کي پهتو، جن جي اڏام 6 ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.