حمزا شهباز گروپ چونڊ ميدان کان ٻاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست جي معاملي تي حمزا شهباز گروپ چونڊ ميدان کان ٻاهر ٿي ويو.
پارٽي طرفان حمزا شهباز گروپ کي چونڊ ٽڪيٽون جاري نه ڪيون ويون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکئي وقت ۾ پارٽي جو ساٿ ڏيندڙ ميمبرن کي ٽڪيٽون جاري ناهن ڪيون ويون.
ذريعن موجب ٽڪيٽ کان محروم ٿيندڙ حمزا شهباز جي حامين ۾ خواجا احمد احسان، اختر علي، وحيد عالم خان، طارق، چوڌري شهباز، ماجد ظهور، توصيف شاهه، رمضان صديق ڀٽي شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اختر حسين، حشمت علي شاهه، عمران علي، خرم روحيل اختر به ٽڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيا.
ن ليگ طرفان ملڪ شبير، محمد سليم، چوڌري باقر حسين، ڪبير تاج کي به ٽڪيٽ نه ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.