لينڊ سلائيڊنگ سبب 18 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

ڪولمبيا ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آمريڪي ملڪ ڪولمبيا ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب 18 فوت جڏهن ته ٽيهه کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ميڊيلن ۽ ڪيوبڊو شهر کي ملائيندڙ روڊ کي عارضي طور بند ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته لينڊ سلائيڊنگ مسلسل تيز برساتن سبب پيش آيو آهي.
ٻئي پاسي آمريڪا جي اوڀر وارين رياستن ۾ تيز برساتن ۽ برفاني طرفان سبب پنج ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نيويارڪ سميت 12 رياستن ۾ چار لک کان وڌيڪ گهر ۽ ڪاروباري مرڪز بجلي کان محروم ٿي چڪا آهن.
مقامي ميڊيا موجب، تيز برساتن سبب 13 کان وڌيڪ اڏامون معطل ڪيون آهن.
نيو جرسي ۽ ڪنڪٽيڪٽ ۾ درياهن ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ۽ ڊيم کي نقصان پهچڻ سبب شهري گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.