شينهن جو شڪار بيٽ نه تير سان ٿيندو آهي، رڳو اسان ئي ميدان آهيون: بلاول ڀٽو زرداري

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شڪار جي مند آهي ۽ اسان کي شينهن جو شڪار ڪرڻو آهي، شينهن جو شڪار بيٽ نه تير سان ٿيندو آهي.
بهاولپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ئي ميدان ۾ آهيون، اسان جو ڪو ذاتي مقصد ناهي، باقي سياسي جماعتون اشرافيا جي نمائندگي ڪنديون آهن، انهن کي رڳو ڪرسي جو شوق آهي، اسان جو مقابلو ڪنهن سياسي جماعت سان نه پر بي روزگاري، غربت ۽ مهانگائي سان آهي.
هن چيو ته اڄڪلهه چونڊن جي مند آهي، مان لاهور مان چونڊ وڙهي رهيو آهيان، پنجاب جو وڏو وزير جيالو هوندو، پ پ سنڌ، پنجاب سميت سڄي ملڪ مان کٽيندي، هي چونڊون ائين وڙهڻيون آهن، جيئن زندگي جو موت جو مسئلو هجي.
سندس چوڻ هو ته شير جي شڪار لاءِ بيٽ نه تير استعمال ٿيندو آهي، شڪار جي مند آهي ۽ اسان کي شڪار ڪرڻو آهي، تير تي ٺپو هڻي ثابت ڪيو ته ڪالهه به ڀٽو جيئرو هو ۽ اڄ به جيئرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.