لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ميڊيا ماهرن جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته 12 ڪلاڪ موبائيل فون جي سامهون رهڻ اوترو ئي وقت اس ۾ رهڻ جي برابر آهي.
ماهرن موجب اليڪٽرونڪ اوزارن جي اسڪرين مان نڪرندڙ نيرا شعاع اوهان جي سوچ کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا ڇو ته اهي اوهان جي کل جي سڀ کان هيٺئين تهه تائين جذب ٿي ويندا آهن.
رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته اليڪٽرونڪ اوزارن مان نڪرندڙ شعاع الٽرا وائيليٽ شعاعن جيترا خطرناڪ آهن، اونداهي ۾ فون ڏسڻ جي عادت انساني صحت لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.