ڀارتي ماڊل جو قتل جي 11 هين ڏينهن ڍنڍ مان لاش هٿ

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) نئين دهلي پوليس ٻه جنوري تي گڙگائون جي هڪ هوٽل ۾ قتل ٿيل اڳوڻي ڀارتي ماڊل ديوا پاهوجا جي لاش هريانا جي ڌنڍ مان هٿ ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي ماڊل ديويا پاهوجا جي قتل ۾ ملوث چوٿين جوابدار بلراج گِل کي گذريل ڏينهن ڪولڪتا جي هوائي اڏي تان گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب، گرفتاري کانپوءِ جوابدار بلراج گِل ديويا پاهوجا کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هن ماڊل جو لاش ڀارتي رياست پنجاب جي ڀاکڙا ڍنڍ ۾ ڦٽو ڪيو هو، جيڪو پاڻي جي تيز وهڪري سبب هريانا جي ڍنڍ ۾ هليو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي اڄ هريانا جي ڍنڍ مان هڪ عورت جو لاش هٿ آيو جنهن جي تصوير ديويا پاهوجا جي وارثن ڏانهن اُماڻي وئي، جن سڃاڻپ ڪري ٻڌايو ته اِهو سندن نياڻي جو لاش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.