پرويز الاهي جي اپيل رد، گهرواري کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي پر قيصره الاهي کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ قائم اليڪشن رٽ پٽيشنز تي فل بئنچ ٻڌڻي ڪئي، پرويز الاهي، سندس گهرواري قيصره الاهي ۽ پٽ مونس الاهي سميت ٻين جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
پرويز الاهي جي وڪيل شهزاد شوڪت دليل ڏيندي چيو ته نامزدگي ڪاغذن ۾ حقيقتون لڪائڻ جو الزام هنيو ويو آهي، نامزدگي ڪاغذن ۾ الزام آهي ته هٿيارن جي 7 لائسنس جو ذڪر ناهي، اسپيشل اڪائونٽ نه هجڻ جو به الزام هنيو ويو.
وڪيل چيو ته قانون موجب ڪاغذن ۾ هر شئي آهي، نامزدگي ڪاغذ کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پرويز الاهي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ ويو ته کيس حراست ۾ ورتو ويو، هو سينيئر سياستدان آهي، کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.
جسٽس علي باقر نجفي پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان اليڪشن ڪميشن ۾ ڪا شڪايت داخل ڪرائي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته اسان عدالت سان رابطو ڪيو ۽ عدالتي حڪمن کانپوءِ اسان کي آر او آفيس وڃڻ جي اجازت ملي.
ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي 3 رڪني بئنچ فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي پرويز الاهي جي اپيل رد ڪئي وئي، جڏهن ته سندس گهرواري قيصره جي اپيل منظور ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي.
عدالت نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف مونس الاهي جي درخواست به رد ڪري ڇڏي ۽ آر او ۽ اپليٽ ٽربيونل جو نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.