راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪارروائين ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاعن تي آپريشن ڪيا ويا.
اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگرد ڪمانڊر تبسم عرف قادرمان ۽ ساٿي ساجد عرف سرڪندي مارجي ويا.
بيان ۾ چيو ويو ته ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ به سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود به مليو، جيڪي سيڪيورٽي فورسز تي حملن، شهرين کان ڀتي خوري ۽ انهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا.
Prev Post
You might also like