هتي ڪرسي کي ڪا طاقت نه آهي، وزيراعظم نه ملازم هيس: شاهد خاقان

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرسي کي ڪا به طاقت نه هوندي آهي ۽ آئون وزيراعظم نه هيس مون کي ملازمت ڏني وئي هئي.
لاهور جي الحمرا هال ۾ ٿنڪ فيسٽ 2024ع ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اخلاقي جرعت نه هجي ته سياستدانن کي سياست ڪرڻ جو ڪو فائدو نه آهي، جيئن نواز شريف اقتدار ۾ اچي رهيو آهي مون کي ان سان اختلاف آهي، نواز شريف اسٽيبلشمينٽ کانسواءِ 100 بدران 30 سيٽن تي اچي وڃي پر مورال ڊائون نه ڪري.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرسي کي ڪا طاقت نه هوندي آهي، آئون وزيراعظم نه هيس پر مون کي ملازمت ڏني وئي هئي، پي ٽي آءِ چوري ۽ ن ليگ ڌاڙا هٽي اقتدار ۾ رهي آهي، ن ليگ سان گڏ آهيان، ان خلاف اليڪشن نه وڙهندس، آئون سياست نه ڇڏي آهي.
شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته عمران خان جي ناڪامي جي پٺيان چوري جي اليڪشن آهي، سندس اِهو حال چوريءَ جي اليڪشن جي ڪري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.