هٿن جا فنگر پرنٽس مختلف نه آهن: هٿرادو ذهانت جي دعويٰ

سائنسدان، محقق ۽ عام انسان سالن کان اهو مڃيندا آيا آهن ته هر انسان جي هٿ جا فنگر پرنٽس (آڱرين جا نشان) ٻين انسانن کان بلڪل مختلف ۽ انوکو هوندا آهن، ان ڪري پاڪستان ۾ نادرا ۽ سڄي دنيا جا ٻيا ادارا اهم دستاويزن جي تصديق لاءِ فنگر پرنٽس جي جاچ ڪندا آهن.
پر هاڻي آڱرين جا نشان انوکا هجڻ تي سوال اٿاريا پيا وڃن، تازو ئي ڪولمبيا يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ان کي چئلينج ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هٿرادو ذهانت جو استعمال ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽي جي هڪ ٽيم 60 هزار فنگر پرنٽس جي جاچ لاءِ هٿرادو ذهانت جي هڪ ٽول کي تربيت ڏني ته جيئن اهو ڄاڻي سگھجي ته ڪهڙا فنگر پرنٽس هڪ ئي شخص جا آهن.
تحقيق جي نتيجن ۾ محققن دعويٰ ڪئي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي 70 کان 90 سيڪڙو درستي سان ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري سگھي ٿي ته ڪهڙا پرنٽس هڪ ئي شخص جا آهن يا نه، سائنسدان يقين سان نٿا چئي سگھن ته اها ٽيڪنالاجي ڪيئن ڪم ڪري ٿي.
ڪولمبيا جي هڪ روبوٽسٽ پروفيسر هوڊ لپسن ٽيڪنالاجي جي طريقيڪار تي ڳالهائيندي چيو ته اهو واضح رهي ته هٿرادو ذهانت روايتي مارڪر استعمال نه ڪري رهي آهي جيڪي فرانزڪ ڏهاڪن کان استعمال ڪري رهيا آهن، ائين لڳي ٿو ته اها مرڪز ۾ زاويي جهڙي ڪا شيءِ استعمال ڪري رهي آهي.
هل يونيورسٽي ۾ فرانزڪ سائنس جي پروفيسر گرام وليمز بي بي سي کي ٻڌايو ته اها ڳالهه ثابت نه ٿي آهي ته آڱرين جا نشان سدائين انوکا هوندا آهن يا نه.
هن چيو ته اسان اصل ۾ نٿا ڄاڻون ته آڱرين جا نشان انوکا آهن، اسان جي علم موجب اسان رڳو ايترو چئي سگھون ٿا ته اڃا تائين ڪنهن به ٻن ماڻهن هڪ جهڙا فنگر پرنٽس نه ڏيکاريا آهن.
پر آمريڪي محقنن جو چوڻ آهي ته انهن نتيجن تي اڃا وڌيڪ تحقيق ۽ مطالعي جي ضرورت آهي، في الحال انهن نتيجن سان فرانزڪ جي شعبي تي ڪو خاص اثر پوڻ جي اميد نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.