ٿُلها ماڻهو اُداس نه رهن! ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

ڪيمبرج (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته مزاج ۾ اداسي ٿُلهن ماڻهن جي وزن ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
يونيورسٽي آف ڪيمبرج ۾ ڪيل تحقيق ۾ محققن 2000 کان وڌيڪ برطانوين جي جذبن جو نون مهينن تائين معائنو ڪيو.
تحقيق دوران هر مهيني انهن ماڻهن کان ڊپريشن جي علامتن بابت پڇيو ويو. جن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن کي ڊپريشن نه هو. پر، ٿولهه جو شڪار ماڻهن جڏهن گھڻو ڊپريشن محسوس ڪيو ته هڪ مهيني کان پوءِ انهن جو وزن وڌي ويو.
ٻي پاسي صحتمند وزن رکندڙ ماڻهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو فرق نه ڏٺو ويو.
محققن موجب ٿولهه جو شڪار يا وڌيڪ وزن رکندڙ ماڻهو جڏهن جذباتي سطح تي ڏکيائين کي منهن ڏيندا آهن ته انهن ۾ ڪيلوريز، سڻڀ ۽ مٺين غذائن جي کپت ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو.
تحقيق ۾ ڊپريشن ۾ مبتلا ٿولهه جو شڪار ماڻهن جو سراسري طور تي 0.36 گلوڪرام وزن وڌڻ سان واسطو ڏٺو ويو جڏهن ته وڌيڪ وزن وارن ماڻهن ۾ ناڪاري احساسن ۾ واڌ جو تعلق 0.27 گلوڪرام اضافي سان ڏٺو ويو.
محققن خبردار ڪيو ته اهڙيءَ طرح وزن وڌڻ مهينن يا سالن ۾ بلد سطح تائين پهچي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.