ڪراچيءَ ۾ ڪهڙيون سياسي جماعتون مضبوط آهن؟

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) عام چونڊن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ ۽ واپس وٺڻ جو وقت پڄاڻيءَ تي پهچي رهيو آهي پر ايم ڪيو ايم پاڪستان اندروني اختلافن جو شڪار آهي.

نامياري صحافي انيس منصوريءَ جو  چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ جن اميدوارن کي ايم ڪيو ايم پاڪستان ٽڪيٽون ڏنيون آهن، انهن مان محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم قيادت کي اڳوڻي پي ايس پي آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري ڪيترائي ايم ڪيو ايم جا اهم اڳواڻ چونڊ وڙهڻ کان ٻاهر ٿي ويا آهن، جن ۾ڪشور زهريٰ ،ريحان هاشمي، ڪامران اختر ۽ محمد حسين شامل آهن، جڏهن ته خواجا اظهار الحسن کي به آخري وقت ۾ ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.

ان ڪري ڪجهه اڳواڻن ته سياسي سرگرميون به معطل ڪري ڇڏيون آهن ۽ مايوس ٿي ويا آهن، بلديا ۾ به مصطفيٰ ڪمال جي ساٿي دلاور خان کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. ان ڪري ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ڪارڪن ڪاوڙ ۾ آهن، اهڙي طرح  حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ نواب شاهه ۾ به متحده پنهنجا اميدوار بيهارڻ ۾ ڪامياب نظر نه اچي رهي آهي.

ساڳي طرح اڃان تائين چونڊ مهم جي سلسلي ۾ به ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ لبيڪ چونڊن جي ڀرپور رٿابندي ڪئي آهي. جيڪي سروي رپورٽون اچي رهيون آهن، انهن مان به ظاهر ٿي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ مضبوط ۽ متحده ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ انتهائي ڪمزور پوزيشن ۾ آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 13 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.