ٽڪيٽن جي ورڇ تي ايم ڪيو ايم ۾ ڇڪتاڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي پارٽي  اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا اظهار الحسن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽن جي ورهاست تي خدشن جو اظهار ڪيو.

خواجا اظهار الحسن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽن جي ورڇ ۾ ميرٽ کي نظرانداز ڪيو آهي، ان معاملي تي پاڪستان هائوس ۾ اڳواڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ به ٿي آهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته مون کي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 123 تان اليڪشن وڙهڻ جي آڇ ڪئي وئي پر مون انڪار ڪيو.

واضح رهي ته 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪن لاءِ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اميدوارن ۾ وڏي تبديلي ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن 2024ع جي چونڊن کان آئوٽ ٿي ويو آهي، خواجا اظهار قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 4 سيٽن تان ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.