اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اليڪشن نه وڙهڻ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ ويندس. جيل جي عدالتي ڪمري ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز تصديق ٿيل مني لانڊرر رهيا آهن.
بشريٰ بيبي ٽرسٽي آهي، کيس ڇو گرفتار ڪيو ويندو؟ ٽرسٽ جي زمين ڪنهن جي ملڪيت نٿي ٿي سگهي، شوڪت خانم وٽ اربين رپين جي زمين آهي، اها به منهنجي ملڪيت ناهي.
هن چيو ته امجد خان تي تشدد ڪيو ويو ته جيئن هو اليڪشن نه وڙهي سهگي ۽ پارٽي کائنس پارٽي ڇڏرائي وڃي. عمران خان چيو ته سمورا قانون طاقت ذريعي ختم ڪيا ويا، جيڪو ڪجهه اسان سان ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن پارٽي سان ناهي ٿيو. آگسٽ 2022ع ۾ جنرل باجوا مون کي ۽ شاهه محمود قريشيءَ کي چيو ته خاموش ٿي ويهو، توهان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملندي، جيڪڏهن خاموش نه رهيا ته پوءِ 30 سيٽن تائين محدود ڪنداسين. امجد خان آءِ سي يو ۾ آهي، هن وقت اسان جي انڊر 16ٽيم کيڏي رهي آهي.
عمران خان جو چوڻ هو جيڪڏهن اليڪشن نه وڙهي سگهيس ته سپريم ڪورٽ ويندس، پوري دنيا سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي رهي آهي، باقي سمورا ادارا ملي ويا آهن. هن چيو ته نيب کي ڪو شرم ناهي، نواز شريف ۽ زرداري کي توشه خاني مان بلٽ پروف گاڏيون مليون، نواز شريف 6 لکن ۾ بلٽ پروف ڪار خريد ڪئي، آصف زرداري ٽي گاڏيون ورتيون، انهن جا توشه خانا ڪيس بند آهن ڇو ته هنن چيو ته اسان حاضر آهيون.