ممتاز احسان فراموش شخص آهي، افسوس مخالفن سان ملي ويو: اعجاز جکراڻي

جيڪب آباد(ڊ ر) اعجاز حسين جکراڻي چيو آهي ته جيڪب آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻي باغي ايم پي اي ممتاز حسين جکراڻي پاران اڳوڻي صوبائي وزير اعجاز حسين جکراڻي جي سياسي حريف محمد ميان سومرو جي پينل ۾ بيهڻ ۾ بعد جکراڻي ڪٽنب ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا، ممتاز خان احسان فراموش شخص آهي، يوسي هارائيندڙ شخص کي تعلقه ناظم ڪرايو، ٻه ڀيرا پارٽي ٽڪيٽ ڏياري ايم پي اي ڪرايو ۽  وزارت ڏياري جنهن جي موٽ ۾ اڄ هو پيپلز پارٽي سان بغاوت ڪري ان مخالفن سان مليو آهي جن منهنجي گهر تي نيب ۽ رينجرز جا ڇاپا هڻائي منهنجي گهر جي چادر ۽ چوديواري جو تقدص پامال ڪرايو، جيڪب آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي پاران پارٽي سان بغاوت ڪري ضلعي جيڪب آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي حريف اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي پينل ۾ جڙڻ بعد جيڪب آباد ضلعي ۾ اليڪشن سيناريو ئي تبديل ٿي ويو آهي، اين اي 190 تي محمد ميان سومرو، پي ايس هڪ تي عبدالرزاق کوسو، پي ايس ٻه تي شفيق رحمن کوسو ۽ پي ايس ٽي تي ممتاز حسين جکراڻي جو آزاد پينل سامهون اچڻ بعد سياسي ماحول گرم ٿي ويو آهي ۽ اهڙي پينل بعد جکراڻي ڪٽنب جا اختلاف به کليل طور ظاهر ٿي ويا آهن، اڳوڻي وزير جيل مير اعجاز حسين جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مير ممتاز حسين جکراڻي احسان فراموش آهي جڏهن هن يوسي هارائي ته کيس تعلقه ناظم ڪرايو، هن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته ڪو ايم پي اي ٿيندو جنهن جو پارٽي ٽڪيٽ ڏياري ايم پي اي ڪرايو ۽ ڀوتار لاءِ وڏي وزير ۽ گورنر سميت سڄي سنڌ ڪابينا پهتي ۽ کيس اڪيلي سر وزير جو حلف کڻايو ويو، جنهن شخص منهنجي گهر تي نيب ۽ رينجرز چاڙهي جتي منهنجيون نياڻيون موجود هيون ان سان اتحاد ڪري پراڻي لاڳاپا پيو ياد ڪرائي، جنهن شخص جي ڪري مير عباس خان جکراڻي جيل ڪاٽي مون 5 سالن تان عدالتن جا چڪر ڪاٽيا اڄ شخص سان بيهڻ ڪهڙي غيرت آهي، پي پي مخالف پينل ۾ ٽئي ٺڳ آهن ٺڳن جي ٽولي کي وڏي اڪثريت سان شڪست ڏينداسين، هوڏانهن اعجاز حسين جکراڻي جي اهڙي رد عمل ۾ ممتاز حسين جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته مير اعجاز حسين جکراڻي وٽ ڪهڙو ثبوت ته سندس گهر تي نيب ۽ رينجرز سردار محمد ميان سومرو موڪلي آهي، سردار محمد ميان سومرو چيو ته نيب يا سرڪار منهنجي ماتحت ڪونهي، هن اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي جنهن تي نيب سندس گهيرو تنگ ڪيو، هڪ سوال ۾ سردار محمد ميان سومرو چيو ته مير ممتاز حسين جکراڻي تي ڪا ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي جيڪڏهن ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته فراهم ڪيا وڃن.

پيپلزپارٽي اڳواڻ ممتاز جکراڻي جو آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان

جيڪب آباد (ڊ ر) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي ممتاز جکراڻي عام چونڊن لاءِ پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ تي ڪاوڙجي پيو ۽ آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي جيڪب آباد ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 3 ڳڙهي خيرو تي ممتاز جکراڻي بدران مير اورنگزيب پنهور کي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي، پارٽي طرفان ٽڪيٽ نه ملڻ تي ممتاز جکراڻي پارٽي جي اهڙي فيصلي تي ڪاوڙيل  هي، ممتاز جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 40 سال پ پ ۾ رهيس، اهميت نه ڏني وئي، جنهن همراهه کي تڪ ۾ ٽڪيٽ ڏني وئي اِهو يونين ڪائونسل جي سيٽ به نٿو کٽي سگهي، آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندس، ياد رهي ته ممتاز جکراڻي 2013 ۽ 2018 ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.