سنڌ ۾ ڪرپشن ڪندڙ ۽ ملڪ لٽيندڙن جو گهيرو تنگ ڪنداسين:زين شاهه

سڪرنڊ (رپورٽ: لطيف جمالي) سڪرنڊ پي ايس 38 تي هٿ کڻڻ جي آخري ڏهاڙي تي پ پ اميدوار غلام قادر چانڊيو جي حق ۾ سيد منير شاهه ذاڪري، علي نواز ڪيريو ، وسيم باري ڪيريو ، منظور علي ڪيريو، غلام  محمد جتوئي ، عبدالواحد جمالي ، عبدالوحيد جمالي هٿ کڻي ويا جڏهن ته ايس يو پي سنڌ جي صدر ۽ جي ڊي اي جو گڏيل اميدوار سيد زين شاهه جي حق ۾ ايس ٽي پي جي اميدوار نثار ڪيريو ، جي يو آءِ اڳواڻ محمد هاشم چانڊيو ، عبدالرشيد پرهياڙ، هدايت الله جمالي جي حق ۾ هٿ کڻي ويا، پ پ اڳواڻ سڪندر حيات رند پاران آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪندي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي اڳواڻ غلام رسول انڙ پاران ن ليگ جي ٽڪيٽ نه ملڻ تي آزاد اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪندي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي، ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه چيو ته مسلسل 15 سال پ پ حڪمرانن ملڪ کي لٽيو آهي. اسان گڏيل اتحاد طور سنڌ مان ڪرپشن ڪندڙ ۽ ملڪ لٽيندڙن جو گهيرو تنگ ڪنداسين ۽ سنڌ جي عوام کي گهرجي ته هنن ظالمن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ جي ڊي اي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪن، هن پي ايس 38 ۽ اين اي 208 تي اتحادين جي اميدوارن پاران هٿ کڻڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيان ٿو. پي ايس 38 تي پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار ۽ پيپلز پارٽي پنجون دفعو پارٽي ٽڪيٽ هولڊر غلام قادر چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ هر اليڪشن ۾ ٽانگا پارٽيون اتحاد ٺاهينديون آهن پر ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيون آهن سنڌ سميت سڪرنڊ ۾ مخالفن کي ڀرپور شڪست ڏينداسون. پيپلز پارٽي وڏي پارٽي آهي هڪ گهر ۾ به اختلاف ٿيندا آهن ڪجهه دوستن هٿ کنيو آهي رهيل دوست به منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.