8 فيبروري تي عوام زرداري مافيا کي شڪست ڏيندو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد ( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اميدوار جان محمد جوڻيجي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي حق ۾ ھٿ کڻي  ڇڏيو، ايس ٽي پي اميدوار جان محمد جوڻيجي پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي ريٽرننگ آفيسر وٽ پھچي ھٿ کڻڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي, ايس ٽي پي اڳواڻ جان محمد جوڻيجي قاسم آباد تڪ تي اياز لطيف پليجو جي حق ۾ ھٿ کڻي ڇڏيو, ترقي پسند پارٽي پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد تي اياز لطيف پليجو جي ڀرپور  اليڪشن مھم ھلائي کيس ڪامياب ڪيو ويندو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجo پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي تڪ ڀٽائي نگر، ماري گارڊن، ماري ٽائون، ڀٽائي ٽائون ۽ نسيم نگر چوڪ ۾ گھر گھر، دڪانن ۽ ريڙھن وارن وٽ وڃي ورڪ ڪئي، نامياري قانوندان ماما يوسف لغاري ڀٽائي نگر ۾ اياز لطيف پليجو سان گڏجي ورڪ ڪيو، قاسم آباد جي رھواسين زبردست موٽ اياز لطيف پليجي کي اجرڪن، لنگهين، سنڌي ٽوپين جا تعفا ڏنا ۽ گلن جي ورکا ڪري کي ووٽ ڏيڻ ۽ حمايت جو خاطري ماروي ٽائون ۾ ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته 8 فيبروري حق، سچ جي فتح جو ڏينهن آهي سنڌ جو باشعور غيرتمند عوام پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي کي بري شڪست ڏيندو ايندڙ سنڌ حڪومت جي ڊي اي جي ھوندي، پ پ جا اڳوڻا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي اڃا تائين سرڪاري گاڏين پروٽوڪول ۾ اليڪشن مھم ھلائي رھيا آھن، پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا ڪرپشن انصاف ۾ رڪاوٽ آھي. ملڪ جو غريب عوام، پورھيت، ھاري ۽ مزدور انصاف لاءِ سڀ کان پھرين پوليس وٽ وڃن ٿا پر اتي رشوت کانسواءِ ڪنھن جي فرياد به نٿي ورتي وڃي. سرڪاري اسپتالن ۾ معياري علاج ناھي، جنھن ڪري جن وٽ پئسا ناھن، اھي ماڻھو تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جي حالت خراب ھجڻ ڪري پرائيويٽ تعليمي ادارا وڌي ويا آھن، جتي حڪمران طبقي، آفيسرن ۽ وڏن ماڻھن جا ٻار پڙھن ٿا، باقي جن وٽ پئسا ناھن انھن جا ٻار معياري تعليم کان محروم آھن، پيپلز پارٽي پنھنجي سياسي مفادن لاءِ عالمي امدادي ادارن کي واھر کان روڪيو ۽ متاثرن جي بحالي بدران ماڻھن کي فقير بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.