مُئل قرار ڏنل شخص ايمبولينس کي لوڏو اچڻ تي جيئرو ٿي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مُئل قرار ڏنل شخص ايمبولينس کي لوڏو اچڻ سان زندهه ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست هريانه جي هڪ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران مُئل قرار ڏنو 80 ورهين جو شخص ايمبولينس کي لوڏو اچڻ تي جيئرو ٿي ويو.
ڊاڪٽرن پاران چئن ڏينهن تائين وينٽيليٽر تي رهندڙ درشن سنگهه جي موت جي تصديق کان پوءِ سندس مائٽ لاش آخري رسمن لاءِ پٽيالا کان ڪرنال جي ويجهو سندس گھر کڻي وڃي رهيا هئا ته ايمبولينس جو ٽائر هڪ کڏي ۾ ڦاسي پيو جنهن سان ايمبولينس کي لوڏو آيو ۽ درشن سنگهه سنگهه پوٽي ڏاڏي جو جو هٿ چرندي ڏسي ويجهي اسپتال جو رخ ڪيو. درشن سنگهه جي مائٽن جو چوڻ هو ته سندس ٻيهر جيئرو ٿيڻ معجزو آهي.
رپورٽن موجب اسپتال ۾ ڊاڪٽرن چيڪ اپ کان پوءِ کيس زندهه قرار ڏنو. دل جي مريض درشن سنگهه ڪرنال جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي پر سندس گھرڀاتي هن جي صحتيابي لاءِ پراميد آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.