اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته شفاف چونڊونو نه ٿيون ته ڪير به تسليم نه ڪندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جمهوريت جي ضرورت آهي ته هر سياسي پارٽي وٽ چونڊ نشان هجي، اسان کي سپريم ڪورٽ مان اميد آهي، اسان بهترين انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون. هن چيو ته چونڊون شفاف نه ٿيون ته ڪو به ماڻهو قبول نه ڪندو، اليڪشن ڪميشن کي شفاف چونڊن جا حڪم ڏنا وڃن. بئريسٽر گوهر چيو ته اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جمهوريت کي بچائيندي، اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به اهڙي طريقي سان ڪنهن سياسي پارٽي کان چونڊ نشان نه ورتو آهي، انٽرا پارٽي چونڊون بدترين حالتن ۾ ٿيون، سپريم ڪورٽ جي ججن جي استعيفيٰ بابت ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته کيس جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي جي استعيفيٰ تي افسوس آهي، هو سڀ ڪوششون ڪن پيا ۽ ڪريز کان ٻاهر به وڃن پيا.