پي ٽي آءِ تي هن وقت مافيا جو قبضو آهي: اڪبر ايس بابر

اسلام آباد (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ هن وقت مافيا جي قبضي ۾ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ بيٽ جي نشان تي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پهريون ڀيرو پي ٽي آءِ جي وڪيل مون کي باني ميمبر تسليم ڪيو، ان جا سبب ٻڌائيندس. اڪبر ايس بابر چيو ته اسان پي ٽي آءِ کي هڪ مثالي پارٽي بڻائڻ جو عزم ڪيو هو، اسان هن پارٽي کي رول ماڊل تنظيم ڏسڻ چاهيون پيا جيئن ايماندار قيادت سامهون اچي سگهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ هن وقت مافيا جي قبضي ۾ آهي، کين هڪ سال گذري ويو پر چونڊون نه ڪرايون ويون، پي ٽي آءِ جو منشور ڪارڪنن جو روڊن تي لٺيون کائڻ نه هو، ڪارڪنن لٺيون کائي رهيا آهن ۽ مافيا اقتدار تي قابضي ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.